سنيل سندر سنگھه آڏواڻي

مشھور ليکڪ ۽ اداڪار جيڪو 8 جنوري 1956ء ۾ بمبئي ۾ پيدا ٿيو، تعليمي حوالي سان ھن بي اي ۽ ڊپلوما ان بزنس مئنيجمينٽ جون ڊگريون حاصل ڪيون، جڏھن ته سنڌي، ھندي، گجراتي ۽ انگريزيءَ ۾ 40 کان مٿي ناٽڪ لکيائين جن ۾ ”ڇورا اڳيان پوڙھا پٺيان“، ”منھنجا مور لاڏا“، سنڌيءَ ۾، ”ايشور اللھ تيرو نام“ ۽ تريشنڪر“ ھندي، ”اوپر گگن گنگھور“ گجراتيءَ ۾، “Zoo Story”، “Voice in the Mind” ۽ “ Enreka” انگريزي ۾ شامل آھن. جن ھندي ناٽڪن کي ڪاميڊي ۾ بھترين اداڪاري ۽ ھدايتڪاري جا انعام مليا انھن ۾ ”ديک ڪبيرا رويا“، ”پنوسنڪ“ ۽ ”بليڪ ڪاميڊي“ شامل آھن.[1]