سلوڪ (Salok) سنسڪرت لفظ ”شلوڪ“ جي بگڙيل صورت آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ آهي ”گڏ ڪرڻ يا وڌڻ“، اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو سنسڪرت شبد (يعني گيت يا ڀڄن. جو چئن ٽڪرن يا فقرن جو ٺھيل هجي ۽ اهي چارئي فقرا پاڻ ۾ هم وزن هجن. مطلب تہ سلوڪ ۾ ڪل چار سٽون ٿين ٿيون. ڀائي چين راءِ”سامي“ (1743-1850ع) جي بيتن کي ”سلوڪ“ چئجي ٿو، سامي سان سنڌ جي شاعرن جي ٽي مورتي ”شاھ، سچل، ۽ سامي“ مڪمل ٿئي ٿي. سامي لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ھو پنھنجي سلوڪن کي چٽڪين تي لکي مٽ ۾ وجھندو ويندو ھو، جيڪي بعد ۾ سندس پٽ گہنشام داس گڏ ڪري گرمکي ۾ لکرايا. راءِ بھادر ڪوڙي مل کلناڻي (1844-1916ع) پھريون دفعو 1873ع ۾ انھن کي سنڌي صورتخطي ۾ اڻي پڌرو ڪيو[1]:

مثال
وڌا سڀ ڪيري، مايا جيءَ محل مون،
ڇڏيائين ڇل ول سان، حرص منجهہ هيري،
ويٺا منھن ڦيري،
سامي چئي سروپ کون.
  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.