جان مارشل (آثار قديمہ جو ماھر)
جان مارشل (آثار قديمہ جو ماھر) | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 19 مارچ 1876 [1][2][3][4][5][6][7] |
موت | 17 آگسٽ 1958 (82 سال)[1][2][3][4][5][6] |
شھريت | گڏيل بادشاھت |
عملي زندگي | |
مادر علمي | ڪيمبرج يونيورسٽي |
ڪم جي ٻولي | انگريزي ٻولي [1] |
دلچسپي | قديم آثار |
ترميم |
سر جان مارشل، موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ مشهور آرڪيالاجسٽ، جو جنم 19 مارچ 1876ع ۾ چيسٽر، برطانيا ۾ ٿيو.
تاريخ
سنواريوسندس دلچسپيءَ جا مضمون تاريخ ۽ قديم آثار هئا. ان ڪري هن کي 1902ع ۾ هندستان جـي قـديـم آثـارن لاءِ سـروي واري محڪمي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. هن کان اڳ انهيءَ عهدي تي اليگزينڊر ڪنگهام فائز هو. جان مارشل ننڍي کنڊ ۾ قديم آثارن جي بچاءَ ۽ پڌرائيءَ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ان جو مثالي ثبوت سندس دور جا هيٺيان دستاويز آهن:
- Archaeological Works code
- Ancient Monuments Preservation Act 1904
کوٽاين جي تاريخ
سنواريوانهن دستاويزن هتان جي قديم آثارن کي قانوني، فني ۽ تاريخي تحفظ مهيا ڪيو ۽ انهن جي کوٽائيءَ جو ڪم به شروع ٿيو. سر جان مارشل جو پورو نالو ’Sir John Harbert Marshall ‘ هو. هن جي تعليم ڊيلوچ ڪاليج ۽ ڪنگس ڪاليج ڪيمبرج ۾ ٿي. هن مڪاني آثارن جي ڄاڻن کي سروي، کوٽاين ۽ مرمت جا ڪم ڏنا. سندس مکيه دريافتن ۾: ٽيڪسلا، موهين جي دڙي، سانچي، سارناٿ کان سواءِ ڪانجهيءَ جي زماني جو هڪ ماڳ Knossos ۽ ڀونوچ سمنڊ لڳ يوناني ٻيٽن ۾ ماڳ Crete شامل آهن. هن ٽيڪسيلا جون کوٽايون 1913ع ۾ شروع ڪرايون جيڪي 20 سالن تائين جاري رهيون. هن ٽيڪسلا ۾ ئي 1918ع ۾ ’Site Museum‘ جو بنياد رکيو. سانچي ۽ سارناٿ جي ٻڌمت سان لاڳاپيل ماڳن تي ڪم ڪرايو.
موهن جو دڙو
سنواريوهن 1922ع ۾ کوٽائيءَ دوران سنڌ جي قديم تهذيب موهين جي دڙي جي صورت ۾ ڳولي لڌي. هن ’Knossos‘ ۽ ‘Crete’ تي 1898ع کان 1901ع جي وچ ۾ ڪم ڪرايا هئا. ان ڪري ننڍي کنڊ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ به هن کي کوٽاين جي پوري ڄاڻ هئي. ٽيڪسيلا ۽ موهين جي دڙي جي کوٽاين تي سندس ٽي ٽي شاهي جلد ڇپيل آهن، جن کي اڄ به هتان جي آرڪيالاجيءَ ۾ بنيادي حيثيت آهي. هن جو ٻيو هڪ ڪتاب ’Guide to Texila‘ آهي. موهين جي دڙي هن کان پوءِ ’Mackay‘ ڪم شروع ڪرايو، جنهن جي رپورٽ به ڇپيل آهي. انهيءَ وچ ۾ هن کي 1914ع ۾ سندس ڪيل خدمتن جي بطور ’Knighthood‘ ۽ ’سر‘ جو خطاب مليو ۽ وري سبڪدوشيءَ بعد 1936ع سڄي ’United Kingdom‘ جي ’Academic‘ جو ’Fellow‘ چونڊيو ويو هو. هن جي ٻين ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
- Buddhist Art of Gandhara 1960
- Bagh Caves in Gwaliar state, 1927
- Monuments of Sanchi (3Vol)
- Guide to Sanchi 1918
وفات
سنواريوسرجان مارشل 1928ع ۾ گلڊ فورڊ شهر ۾ وفات ڪئي.[8]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb11288164r — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
- ↑ 2.0 2.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/John-Hubert-Marshall — subject named as: Sir John Hubert Marshall — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
- ↑ 3.0 3.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w67w6nqh — subject named as: John Marshall (archaeologist) — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 4.0 4.1 Store norske leksikon ID: https://wikidata-externalid-url.toolforge.org/?p=4342&url_prefix=https://snl.no/&id=Sir_John_Hubert_Marshall — subject named as: Sir John Hubert Marshall — عنوان : Store norske leksikon
- ↑ 5.0 5.1 subject named as: Sir John Marshall — عنوان : Marshall, Sir John — شائع شدہ از: Grove Art Online — https://dx.doi.org/10.1093/GAO/9781884446054.ARTICLE.T054592
- ↑ 6.0 6.1 Hrvatska enciklopedija ID: https://www.enciklopedija.hr/Natuknica.aspx?ID=39110 — subject named as: John Hubert Marshall — مصنف: Dalibor Brozović ۽ Tomislav Ladan — عنوان : Hrvatska enciklopedija — ناشر: Miroslav Krleža Lexicographical Institute
- ↑ CTHS person ID: https://cths.fr/an/savant.php?id=115509 — subject named as: John Hubert Marshall — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مدیر: Bruno Delmas ۽ Rémi Mathis — عنوان : Annuaire prosopographique : la France savante
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011