سرڪش سنڌي

سرڪش سنڌي انگريزي (Sarkash Sindhi) (پيدائش: پهرين آڪٽوبر 1940ع - وفات: 5 مارچ 2012ع) سنڌ جو ناميارو ۽ اڏول مزاحمت ۽ محبت جو شاعر هو.

احوالسنواريو

سرڪش سنڌي پهرين آڪٽوبر 1940ع تي ڳوٺ پليپوٽا ميهڙ تعلقودادو ضلعي ۾ برک عالم عبدالله چانڊيو جي گهر ۾ پيدا ٿيو،سندس اصل نالو عبدالمجيد چانڊيو هو. بعد ۾ سندس خاندان لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي.هن 1954ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي.[1] سندس تحرير ٿيل ڪتابن ۾ ”درد دل“، ”امن آب حيات“، ”پيار ۽ آزادي“، ”سنڌو جاڳي ٿو“، ”جوڻيون جيءَ جھان جون“، ”سچ ٿا مرد چون“، ”سمنڊ ڇوليون ٽهڪ“ ”زندگيءَ جي گونج“ ۽ ٻانهن وراڪا شامل آهن. سرڪش سنڌي هڪ علمي گهر سان وابسته رهيو ۽ بنيادي طور پاڻ ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جو ترجمو پورو ڪيو هئائين. فارسي، عربي پڙهيل هئس. سندس ٻه ڀائر هئا. سندس تعليم ايم.اي ۽ بي.ايڊ هئي. 1961ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1974ع ۾ سيڪنڊري استاد مقرر ٿيو. 26 سال نوڪري پوري ڪري 1987ع ۾ لاڙڪاڻي جي پائليٽ هاير سيڪنڊري اسڪول مان ايڇ.ايس.ٽي طور رٽائرمينٽ ورتائين. سندس 11 کان مٿي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس شعر ۾مزاحمتي ۽ انقلابي عنصر گهڻو آهي. 5 مارچ 2012ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪينسر وِگهي وفات ڪيائين.[2] سرڪش روشن خيال ۽ وطن دوست شاعر هو. سندس سنڌ ۽ جي.ايم سيد سان بيپناھ انسيت هئي. زندگي جي آخري گهڙين تائين سيد ۽ سنڌ سان سلهاڙيل رهيو. بحر ريز گفتگو، صدين جي گهاون کائڻ باوجود به موهن جي دڙي جهڙي اڏولتا تاڻي بيٺل شيهي جهڙي وجود واري سرڪش پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين ”سنڌ سان وفا“ بڻائي ڇڏيو هو. حسن، عشق، پريت، آزادي، امن، عالم انسانيت ۽ وطن پرستي سندس وجود جي سرشت جي هر نس نس ۾ موجود ڏسڻ ۾ اينديون رهيون. سندس آخري آرامگاه به لاڙڪاڻي ۾ آهي.

حوالاسنواريو