سِر (Brick) يا سِرون اڏاوت ۾ ڪم ايندڙ بنيادي آھي. ھڪ ھڪ سر ملائي ڀتيون ٺھنديون آھن ۽ پوءِ عمارت جڙندي آھي. سر کي ھڪ ٻئي سان ملائڻ لاءِ گاري، سيمنٽ ۽ ٻين مسالن جو استعمال ڪيو ويندو آھي. ڀتين، فرشن، بورچيخانن ۽ غسلن لاءِ الڳ الڳ قسم جون سرون ھونديون آھن.

ڪچيون سرون بٺي۾ پڪائجڻ کان اڳ اس تي سڪائجن پيون
ھڪ سر

تعميراتي ڪم لاءِ سرن جو جائزو سنواريو

بٺي جون پڪل سرون چڱيءَ طرح چونڊي انھن جي معيار مطابق ورڇ ڪري سٿيون ھڻي رکڻ گھرجن، ڇاڪاڻ تہ انھن جي معيار مطابق سرن کي ٽن درجن ۾ ورھايو وڃي ٿو، جھڙوڪ: فرسٽ ڪلاس يا پھريون درجو، سيڪنڊ ڪلاس يا ٻيو درجو، ۽ ٿرڊ ڪلاس يا ٽيون درجو.

بلڊنگس ڊپارٽمينٽ جي تشخيص (Specification) جي مطابق ھڪ معياري سر جي سائيز 9"x4 3/8" x2 11/16" يعني ٿولھ 2 11/16" انچ، ويڪر 4 3/8 انچ ۽ ڊيگھ 9 انچ ھئڻ گھرجي، جيئن ھر ستين قطار يا تھن جي اوچائي ٻہ فٽ بيھي، انجنيئر ڪمن لاءِ دراصل 3 انچن جي ٿولھ واري سر بھتر آھي جيئن ڪم ۾ استعمال ٿيڻ بعد جوڙن جو تعداد گھٽجي وڃي. اريگيشن يعني آبپاشيءَ جي ڪمن لاءِ 10 انچن جي ڊيگھ واري سر جو استعمال فائديمند آھي ۽ انھيءَ صورت ۾ سر جي ماپ 10"x4 7/8"x3" ھئڻ گھرجي..[1]

سرن جا قسم سنواريو

1. پھرئين درجي جون سرون: ھن قسم جون سرون چڱيءَ طرح پڪل، ڪلر کان پاڪ، ھڪ جھڙي ۽ ھڪ ڪري سائيز ۾، سٺي رنگ جون، سنئيون سڌيون (Regular)، صحيح طرح عمودي يعني صحيح گونيا ۾، بغير سوراخن جي ۽ ڏارن ۽ ڦوٽ کان پاڪ ھئڻ گھرجن. اھڙي قسم جي سرن کي ننھن سان نٿو کرچي سگھجي، انھيءَ قسم جي ٻن سرن کي کڻي پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان ٽڪرائبو تھ ھڪ ڌاتوءَ جھڙو آواز ايندو. اھڙي قسم جي سر کي اگر ھڪ ڪلاڪ تائين پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ٻاھر ڪڍبو تہ وڌ ۾ وڌ پنھنجي تور جو ڇھون حصو (1/6) پاڻي چھندي. اھڙي قسم جي سر جي دٻاءُ جي قوت برٽش اسپيسيفڪيشن 1257 (B.S. 1257) مطابق گھٽ ۾ گھٽ 1500 psl ھئڻ گھرجي

2. ٻئي درجي جون سرون: ھن قسم جي سرن کي پڻ چڱيءَ طرح بٺي اندر پڪل يا ٿورو زياده پڪل ھئڻ گھرجي ۽ فرسٽ ڪلاس سرن وانگر ھڪ ٻئي سان ٽڪرائڻ سان ڌاتوءَ جھڙو آواز نڪرڻ گھرجي. ھن درجي جي سرن ۾ فرسٽ ڪلاس جي سرن جي ڀيٽ ۾، سائيز، صورت ۽ رنگ ۾ معمولي فرق ھئڻ گھرجي، پر اھو بھ نھ ھئڻ گھرجي جو استعمال بعد اوساريءَ جا بار يا ردا بيڊولا ۽ گھٽ وڌ ٿي بيھن. اھڙين سرن ۾ معمولي ڇوڏا ۽ ڦوٽ (Slight chips and flaws) ڀلي ھجن پر ڪلر، چن ۽ ڪنڪر جي ڳنڍن ۽ ڳوڙھن کان پاڪ ھئڻ گھرجن. ھن قسم جي سر کي اگر پاڻيءَ اندر ھڪ ڪلاڪ تائين ٻوڙبو تھ پنھنجي وزن جو چوٿون حصو پاڻي چھندي.

3: ٽئين درجي جون سرون: ھن قسم جون سرون درجہ اول ۽ درجہ دوئم وانگر چڱيءَ طرح پڪل نہ ھونديون آھن، پر ڪجھھ ڀيليون ھونديون آھن. اھڙي قسم جي سرن جي شڪل ۽ ڊؤل اھڙو بہ اڻ برابر نہ ھئڻ گھرجي جو استعمال بعد ھڪ جھڙا سنوان ردا لڳائڻ ۾ تڪليف ۽ مسالي جو وڌيڪ استعمال ٿئي. ھن قسم جي سرن جو استعمال سرڪاري ڪمن ۾ گھٽ يا بنھ نہ جھڙو ٿيندو آھي.

4. :ڪرڙيون سرون' (Over burnt or Jhama Bricks): ھن قسم جون سرون تمام گھڻو پڪل (Over Burnt) ھونديون آھن ۽ ايترو تھ بگڙيل ھونديون آھن جو اوساريءَ ۾ انھن جو استعمال ناڪاره ھوندو آھي. البتھ انھن کي ڀڃي روڙيءَ طور استعمال ڪري سگھجي ٿو. ازنسواءِ پرائيويٽ ڪمن ۾ خاص ڪري سم واري ھنڌ بنياد ۾ زمين جي سطح کان ھيٺ ھن قسم جي سرن کي گھڙي اوساريءَ طور ڪم آڻي سگھجي ٿو.

5. ڪچيون سرون (Sundried Bricks): ھن قسم جون سرون بہ بلڪل درجہء اول سرن وانگر ڪلر کان پاڪ، چڱيءَ طرح واريءَ جي تھ سان ڪالب ۾ ٺھيل صحيح سائيز ۽ شڪل واريون ۽ ڊولائتيون ھئڻ گھرجن. استعمال کان اڳ انھيءَ ڳالھ جي پڪ ڪئي وڃي تہ ھي سرون اس ۾ چڱيءَ طرح سڪل آھن. سڪڻ بعد ھن قسم جي سر کي اگر سڌي سنئين زمين تي چئن فوٽن جي اوچائيءَ تان ڪيرائجي تھ ٻن ٽڪرن کان وڌيڪ ٽڪرن ۾ نھ ڀڄڻ کپي. سڪڻ بعد ھن قسم جي سرن ۾ ڦوٽ ۽ ڏار پيدا ٿين تہ اھڙن سرن کي رد ڪرڻ گھرجي.

6. گلن واريون سرون (Tiles): ھي عام طور تي ڇتين ۽ فرشن ۾ استعمال ٿينديون آھن. ھنن جو معيار بھ فرسٽ ڪلاس سرن جھڙو ھئڻ گھرجي. سرن جي ٽائيلن جون مختلف ماپون ھيٺ ڏجن ٿيون

  • درجہ اول ڇتين لاءِ (For First Class Roofing): 12²x6²x1 1/4²
  • درجھ دوئم ڇتين ۽ فرشن لاءِ (For Second Class Roofing or Flooring)

12²x6²2²

  • صرف فرشن لاءِ (For Flooring) 94 1/2²x2²

7. پٿر (Stone): اوساريءَ لاءِ پٿر سخت، ڳرو ۽ ھڪ ئي رنگ جو ھئڻ گھرجي. عمارتي پٿر اھڙو ھئڻ گھرجي جو پاڻي گھٽ ۾ گھٽ چوسي ۽ موسمي اثرن جھڙوڪ سرديءَ ۽ گرميءَ جو مقابلو ڪري سگھي. انھيءَ ۾ ڏار يا سوراخ نھ ھئڻ گھرجن، اھڙي پٿر کي ڀڃبو تھ ان جا ذرا ذرا الڳ نھ ٿيندا ۽ مٽي يا چورو نھ نڪرندو. سٺي پٿر کي جيڪڏھن چاقوءَ سان کرڙبو تہ ان تي نشان نہ پوندا. سٺي پٿر کي پاڻيءَ ۾ 24 ڪلاڪ ٻوڙبو تھ پنھنجي وزن کان 5 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي نھ چھندو. اوساريءَ لاءِ پٿر 5 انچ ويڪرو ۽ 18 انچ ڊگھو ھئڻ گھرجي..[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو