مسالو--Cement Mortar ھن قسم جو ڳچ نشاندھي ڪيل تناسب جھڙوڪ 1:1، 1:2، 1:3، 1:4، 1:5 ۽ 1:6 وغيره، مطلب تھ ھڪ حصو سيمينٽ ۽ ھڪ کان ڇھ يا ان کان وڌيڪ حصا جابلو ريتيءَ جو ھئڻ گھرجي. ھن قسم جي مسالي يا گچ ۾ ھميشه ڇاڻيل ريتي استعمال ڪرڻ گھرجي. ھن قسم جو گچ عام طرح سان ٻن طريقن رستي ٺاھيو ويندو آھي. ھڪ ھٿ جي ملاوٽ (Hand mixing) ۽ ٻي مشيني ملاوٽ (Machine mixing) ٻنھي طريقن جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجي ٿو. ھٿ رستي ملاوٽ Hand mixing)) ھن قسم جو طريقو ٿوري مقدار ۾ گھربل گچ جي نوعيت وارن ڪمن ۾ اختيار ڪيو ويندو آھي ھن طريقي سان گچ ٺاھڻ لاءِ سڀ کان پھريائين ھڪ اڻ ٽمندڙ ٿلھو يا دڪو (Non- porous platform) ٺاھيو ويندو آھي. ڇاڻيل ريتيءَ کي سڪل حالت ۾ ڄاڻايل ماپ جي حساب سان ڍڳ جي صورت ۾ انھيءَ ٿلھي تي رکيو ويندو آھي ۽ ڄاڻايل تناسب سان سڪل سيمينٽ کي ريتيءَ جي ڍير مٿان ھڪ ڪرو پٿاريو ويندو آھي. انھيءَ کانپوءِ انھن ٻنھي شين کي سڪل حالت ۾ ڪوڏر يا بيلچي سان ٻھ يا ٽي دفعا ڪلٽيون ڏيئي ملائبو آھي تھ جيئن ريتي ۽ سيمينٽ پاڻ ۾ ملي ھڪ ڪري رنگ جا ٿي وڃن. ان بعد انھيءَ سڪل مسالي جي ڍير جي وچ ۾ ٿوري کڏ (Depression) ٺاھي ويندي آھي. انھيءَ کان پوءِ گھربل مقدار ۾ آھستي آھستي پاڻي ملائي ٻھ يا ٽي دفعا ڪلٽيون ڏيئي گچ (Mortar) ٺاھبو آھي. عام طرح سان ھڪ سيمينٽ جي ٻوريءَ جي گچ ٺاھڻ لاءِ اٽڪل 28 ليٽر پاڻي استعمال ٿيندو آھي. ھن ڳالھھ جو خاص خيال رکيو ويندو آھي تھ گچ ھميشه ايتري مقدار ۾ ٺاھيو وڃي، جيترو اڌ ڪلاڪ اندر استعمال ٿي سگھي. پاڻيءَ سان ملي تيار ٿيل گچ اگر اڌ ڪلاڪ اندر استعمال نھ ٿيندو تھ اھو ڄمڻ (Set) لڳندو ۽ استعمال لائق نھ رھندو. اھڙو گچ خارج ڪيو وڃي. مشين مڪسر رستي ملاوٽ Machine mixing)) ھن طريقي جي ملاوٽ ۾ پھرين گھربل انداز جو 5 يا 10 سيڪڙو پاڻي ملاوٽ واري مشين جي ڊرم ۾ وڌو وڃي. انھيءَ کان پوءِ سڪل حالت ۾ پوريءَ طرح ۽ گھربل تناسب سان ملايل سيمينٽ ۽ واريءَ جي ملاوٽ کي مڪسر اندر وجھي ايتريقدر ملائجي، جيئن ھڪ ڪرو ۽ موافق گچ ٺھي وڃي. ھيءُ طريقو وڏن ڪمن لاءِ جتي مسالي جو گھڻو مقدار درڪار ھوندو آھي، اختيار ڪيو ويندو آھي، جيئن شروعاتي ڄمڻ (Initial Setting) کان اڳ استعمال ٿي وڃي..[1] چوني وارو مسالو (White Lime Mortar) ھن قسم جو گچ ڄاڻايل مقدار ۾ ٺاريل چن (Slaked Lime) ۽ جابلو ريتيءَ (Hill Sand) کي گھربل تناسب (جھڙوڪ 1:1، 1:2 يا 1:3 وغيره) کي ملائي ۽ انھيءَ کي ڍڳن يعني ڏاندن رستي ھلندڙ گھاڻي (Bullock-driven mortar mill) يا مشيني قوت رستي ھلايل چڪيءَ (Power-driven mortar mill) ۾ پيھين ٺاھيو ويندو آھي. استعمال ٿيندڙ چن کي ھميشه ڪم واري ھنڌ ھڪ انچ اندر 64 خانن واري ڇاڻي مان ڇاڻي ۽ ٺاري ٺاھيو ويندو آھي. ننڍن ڪمن ۽ مرمت وارن ڪمن لاءِ کڏون کوٽي انھيءَ اندر ھن قسم جو مسالو تيار ڪري سگھجي ٿو. گھاڻي ۾ تيار ٿيل گچ واسطي ھميشه پھرين چن ۽ واري کي سڪل حالت ۾ ملايو ويندو آھي ۽ انھيءَ بعد گھاڻي اندر پاڻي ملائي گھٽ ۾ گھٽ 180 گھمرا ڏيئي ٺاھيو ويندو آھي. ھن قسم جو گچ ھميشه ايتري انداز ۾ ٺاھيو وڃي جيترو ھڪ ڏينھن اندر استعمال ڪري سگھجي. اھڙيءَ طرح ھر ٻئي ڏينھن تازو گچ ٺاھيو وڃي ۽ گذريل ڏينھن جي ٺاھيل ۽ بچيل گچ کي اڇلائي خارج ڪيو وڃي. جيڪڏھن سيمينٽ ۽ سڻيءَ جي استعمال جي ضرورت ھجي تھ ڄاڻايل ۽ گھربل انداز ۾ ٺھيل چن جي گچ ۾ مختلف کيپن سان ايتري انداز ۾ ٺاھي استعمال ڪبو رھجي جيترو اڌ ڪلاڪ اندر استعمال ٿي سگھي. اھڙي قسم جو گچ (چن ۽ نيرو پلستر (Lime neru plaster) جي ڪم ۾ استعمال ٿيندو آھي..[1]

پنج گئلن واري بالٽي۾ وڌل سيمنٽ جو تيار ڪيل مسالو

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو