جنھن علائقي کي اڄ ڏکڻ پنجاب سڏيو وڃي ٿو، تاريخ منجھ اهو علائقو ”ملتان سلطنت“ يا ”ملتان صوبي“ جو حصو رھيو آھي. اڄ به ڪي ماڻھو انھيءَ علائقي کي ’سرائيڪستان‘ سڏيندا آھن. انھيءَ علائقي، ڪڏھن به پاڻ کي ’پنجاب‘ نه سڏيو آھي. ان علائقي ۾ اها سوچ آهي ته رنجيت سنگھ جي زماني کان وٺي اڄ تائين، سرائيڪي علائقي جي مالي وسيلن مٿان پنجاب قبضو ڄمايو ويٺو آھي ۽ پنجاب سندن ڦرلٽ ڪئي آهي. ان حوالي سان هڪ چوڻي به مشهور آهي جنهن ۾ پنجابي ڳالھائڻ واري پنجاب مٿان، ٽوڪ ڪيل آھي. چوڻي هن ريت آهي، ”پنجاب جي گڏھ به نه ڌارجي، آٿر به کڻي ڀڄي ويندي.“ مطلب ته پنجاب جي حاڪمن، سرائيڪي علائقي جو مال گھڻو لٽيو آھي، ھاڻي تن جي گڏھ مٿان به اعتبار ناھي. جيڪڏهن سندن گڏھِ تي ڪنھن آٿر رکيا آھن ته اھا کوتي، آٿرن جھڙي شيءِ به نه ڇڏيندي. بلڪي اھي به کڻي ڀڄي ويندي. [1]

حوالا سنواريو