سانچو بحث:Stub-ترتيب-پس اندراج

--Jogi don 06:09, 24 جنوري 2016 (UTC)

ڪچو نالي سان سانچو اڳ ۾ ئي موجود آهي، جيڪو انگريزي وڪيپيڊيا جي "اسٽب" جي متبادل طور ٺاهيو هوم. هروڀرو جا سانچا ٺاهي ٺلهو پنهنجي ڀاڱيداري وڌائي ڏيکارڻ سان ڪو چڱو مقصد حاصل نہ ٿيندو. Aursani (ڳالهہ) 14:04, 24 جنوري 2016 (UTC)

@Aursani:محترم عرساڻي صاحب [سانچو:ڪچو] الڳ سانچو آهي ۽ انجو استعمال جو مقصد هن سانچي جي استعمال جي مقصد کان پڻ الڳ آهي، هن سانچي کي بين الوڪي ڳنڍڻِ (انٽروڪي لنڪس) جي ذريعي انگريزي وڪيپيڊيا سميت ٻين وڪيز سان ڳنڍيو ويو آهي، اُتي وڃي ڏسو ته هن ساچي جو ڇا مقصد آهي، يا هن سانڇي جو اتي ئي موجود دستاويز پڙهو، توهان جو ٻڌايل (سانچو:ڪچو) عمل،مقصد جي لحاظ کان هن سانچي کاب الڳ شي آهي، آئون صرف انگريزي وڪيپيڊيا تي ڀاڱيدار هيس پر، جڏهن سنڌي وڪيپيڊيا جو حال ڏٺم ته تمام ويچار ٿيو، مون انگريزي وڪيپيڊيا کي وقت ڏيڻ تمام گهثائي ڇڏيو آهي صرف ۽ صرف سنڌي وڪيپيڊيا جي ترقيءَ لاءِ، منهنجي ڪم کي ساراهيو نه ٿا ته اهڙا ڪمينٽس نه ڏيو، پنهنجا رويا درست رکو ، پهرئين سنڌي وڪيپيڊيا تي شايد روين سبب يوزر ڇڏي ويا آهن،توهان منهنجو ڪم ڏسو،ٿورڙي عرصي ۾ مون انتظامي توڙِي عام رواجي ڪم ڪافي ڪافي ڪيو آهي سنڌي وڪيپيڊيا تي. منهنجو مقصد صرف سنڌي وڪيپيڊيا جي ترقي آهي نڪي مونکي ڪوئي ٻيو مقصد آهي. توهان کي گذارش آهي ته توهان بحيثيت منتظم سنڌي وڪيپيڊيا تي منهنجي شروع ڪيل، جاري ڪمن، ۾ منهنجو هث ونڊايو، آئون تمام اڪيلو آهيان وڏا، ۽ سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪافي ڪم رهيل آهن جيڪي پورا ٿيڻ سان هي وڪيپيڊيا ضرور ترقي ماڻيندي، اسانکي مقصد وڏا رکڻ گهرجن جيئن اردو وڪيپيڊيا ترقي ڪري رهي آهي، اسان جو ڪم،عمل پڻ سنڌي ويڪپيڊيا لاءِ اها اُوج حاصل ڪرڻ مقصود هجي، تمام مهرباني، ڪٿي به اگر ڪا مونکان خطا يا غلطي سرد ٿي وڃي ته رهنائي ڪندا، آئون سنڌي وڪيپيڊيا جي وڌيڪ ترقيءَ لاءِ اوهان سان روبرو ملڻ گُهران ٿو، اميد ته مُثبط جواب ملندو ، مهربانيون. سدا خوش رهو،آمين.-- Jogi_don (ڳالهہ)13:31, 28 جنوري 2016 (UTC)
صفحي "Stub-ترتيب-پس اندراج" ڏانھن واپس ٿيو.