نامزدگي کان اڳ ان ڳالهه جي پَڪ ڪريو ته گُهربل مضمون بهترين مضمون جي معيار پٽاندڙ هُجي، ۽ ان تي لاڳاپيل مضمون جي لکندڙن ‘ يا ڀاڱيدارن جي راءِ سانڍي وئي آهي.
نامزدٿيل مضمون جي بحث صفحي جي مٿان {{ابم}} لکو ۽ صفحو سانڍيو.
مضمون جي لکندڙن کي ٻُڌايو ته ان مضمون کي بهترين مضمون جي لاءِ نامزد ڪيو پيو وڃي.
بعد ۾ هيءَ سِٽَ {{وڪيپيڊيا:بهترين مضمون لاءِ اميدوار/هتي مضمون جو نالو درج ڪريو}}هن صفحي ۾ درج ڪري محفوظ ڪريو.
تائيد ۽ تنقيد
مهرباني ڪري نامزد ڪيل ڪنهن به مضمون تي تائيد ۽ تنقيد ڪرڻ کان اڳ هيٺين ڳالهين کي ڌيان سان پڙهو.
ڪنهن به نامزدگي تي ردِ عمل جي اظهار جي لاءِ نامزد ڪيل جي سامهون کاٻي پاسي تي ڏنل “ترميم“ يا سنوار جي بٽڻ تي ٺِڙڪ ڪريو (نڪي صفحي جي مٿي پاسي ڏنل “ترميم، يا، سنواريو“ جو آپشن جيڪو پوري صفحي کي سنوارڻ جي لاءِ آهي.).
ڪنهن به مضمون جي تائيد ڪرڻ جي لاءِ {{تائيد}} لکو ۽ گڏوگڏ تائيد ڪرڻ جو ڪارڻ به لکو. جيڪڏهن توهان ان مضمون جي ڀاڱيدارين يا لکڻ ۾ شامل رهي چُڪا آهيو ته به نشاندهي ڪريو.
ڪنهن به مضمون تي تنقيد ڪرڻ جي لاءِ {{تنقيد}} لکو ۽ گڏوگڏ تنقيد ڪرڻ جو ڪارڻ به لکو. مضمون جي اُنهن اوڻاين جي نشاندهي ڪريو جيڪي دور ڪرڻ تي مضمون کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
تائيد ۽ تنقيد جي هن مرحلي جي دوران ذاتيات کان قطعاًََ کان پاسو ڪريو ۽ پنهنجي تائيد يا تنقيد جو علمي ڪارڻ بيان ڪريو. گڏوگڏ خيالي يا تصوراتي شڪن کان پاسو ڪريو.
ڪنهن به مضمون تي ٽيڪا ٽٻڻي ڪرڻ جي لاءِ {{تبصرو}} لکو ۽ مضمون جي باري ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو، جيڪو مضمون تي تنقيد يا تائيد کانسواءِ هُجي.