سالاري نئن انگريزي (Salari Nain) کيرٿر جبل جنهن کي مقامي ماڻهو ڪارو جبل پڻ چوندا آھن، مان نڪرندڙ وڏيُن نَئيُن مان ھڪ آھي.[1] جيڪا کيرٿر جبل منجهان دادو ضلعي خيرپور ناٿن شاه تعلقي، يوسي ٻُرڙا جي قديم ڳوٺ سالاري جي اولهہ طرف کان نڪري ٿي.

سالاري نئين ڳوٺ سالاري ۽ ان ۾ شامل پنجن ديهن سالاري 1 سالاري 2 سالاري 3 سالاري 4 سالاري 5، ۽ ديهہ مالم 1 ۽ ديهہ مالم 2 ۽ ديهہ بُگَ سميت ڳوٺن ھر ھڪ ڳوٺ حملاڻي، ڳوٺ روحل گاڏهي،۽، ڪاڇي جي ڳوٺن قصبن ۽ ديهہ بُگ جي باراني زمين کي آباد ڪندي اچي ڳوٺ ٻُرڙا کان ايف پي بند ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سالاري نئين جي منهن ۾ عام ڏينهن ۾ بہ پاڻي جي موجودگي ممڪن آهي، باقي سندس اھو وھڪرو جو ڪاڇي جي صحرا کي سيرآب ڪري اچي ايف پي بند ۾ موجزن ٿئي اھو البتہ برسات جو احتياج رکي ٿو.[2]

حوالا سنواريو

  1. Imossi, R. (1987-06-01). BNLDAG VAX GMAIL. http://dx.doi.org/10.2172/1157450. 
  2. "سنڌ جون نئيون : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-08.