زرافو (Giraffe) ھڪ مماليا، جهنگلي جانور آهي، جيڪو اوڀر ۽ ڏاکڻي آفريڪا ۾ ملندو آھي. ان جي امتيازي خاصيت ان جي ڊگھي ڳيچي آھي. ڳيچي جي ھڏين جو تعداد ست آهي. ايتري ئي ھوندي آھي جيتري ٻين جانورن جي. جڏھن ھو پورو جوان ٿيندو آھي تہ ان جو قد 18 فٽ ٿيندو آھي. ان جو قد 18 فٽ کان بہ وڌي ويندو آھي. ھي جانور ننڍن ننڍن ٽولن ۾ رھندو آھي. ان جي ٽولي ۾ ھڪ نر ۽ کوڙ ماديون ۽ انھن جا ٻچا ھوندا آھن. رنگ ھرڻ وانگر ميٽدار ۽ بدن تي ڪارا داغ ھوندا آھن. زبان بہ تمام ڊگھي ھوندي اٿس. مادي ھڪ وقت ۾ ھڪ ٻچو ڏيندي آھي. جنھن جو قد 6 فٽ ھوندو آھي. ان جي ويم جو مدو 15 مھينا ۽ سراسري عمر 28 سال اٿس.

زرافو