پورو نالو ڀانوريکا گَنيسان (پيدائش 10 آڪٽوبر 1954ع)، ريکا (انگريزي: Rekha) جي ناٽڪ (اسٽيج) نالي سان ڄاتي ويندڙ ھندوستاني اداڪارا، جنھن بُنيادي طور تي ھندي فلمن ۾ ڪم ڪيو آھي[1][2]. کيس ڀارتي سئنيما جي بھترين اداڪارا طور مڃيو ويندو آھي. ھن 180 کان مٿي فلمن ۾ ڪم ڪيو آھي. ھن ھڪ نيشنل فلم ايوارڊ ۽ ٽن فلم فيئر ايوارڊن سميت ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آھن. ھن افسانوي کان وٺي ادبي حوالي سان مُکيہ وھڪري ۽ آزاد حيثيت ۾ ٺھندڙ فلمن ۾ گھڻو ڪري مضبوط ۽ مُنجھيل عورت جا ڪردار ڪيا آھن. جيتوڻيڪ سندس ڪم ڪيترائي ڀيرا گھٽ ٿي ويو پر ھن پنھنجي نالي ۽ مرتبي کي ٻيھر مٿي آڻي پنھنجي حيثيت کي بحال رکيو. 2010ع ۾ ھندوستان جي حڪومت پاران ملڪ جي چوٿين وڏي شھري اعزاز پدما شري سان کيس نوازيو ويو.

ريکا اسڪرين ايوارڊ 2019ع ۾

حوالا سنواريو

  1. "Who is Rekha?". NDTV.com. حاصل ڪيل 2021-12-12. 
  2. "Every day is a celebration, not specifically b'day: Rekha". Hindustan Times. حاصل ڪيل 2021-12-12.