رينگا __(Reenga)

رينگا جي صنف جپان جي ڊگهي نظم Tanka ٽنڪا مان نڪتي آهي. ٽنڪا نظم ۾ اهڙا ڪيترائي بند هوندا آهن، هلندي هلندي ٽنڪا جو هڪ بند الڳ صنف ٿي پيو ۽ ان کي رينگا سڏيو ويو. رينگا جو گهاڙيٽو ٽنڪا جي هڪ بند وارو (پنج ، ست، ست ماترائون) ئي رهيو. جيڪو بلڪل ائين ئي هو جيئن قصيدي مان غزل نڪتو. اڃا اڳتي هلي رينگا جو شروعاتي حصو هڪ ڌار گهاڙيٽو ٿي پيو ۽ ان کي هائيڪو يا شروعاتي سڏيو ويو. رينگا صنف سنڌيءَ ۾ اڃا پنهنجا پير ايترا پختا ڄمائي نه سگهي آهي، پر پوءِ به ان تي مير محمد پيرزادي، مختيار ملڪ، تاج جويي ۽ ٻين ڪجهه جديد شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي