رونا ليلي (انگريزي:Runa Laila) سنڌ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي مشهور ڳائڻي آهي.

رونا ليليٰ

احوال سنواريو

رُونا ليليٰ بنگلاديشِي اوريجن جي مقبول گائڪه آهي. هن 17 نومبر 1952ع ۾ بنگلاديش ۾ جنم ورت.[1] جيتوڻيڪ پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ سندس شهرت پاپ سانگس جي ڪري آهي، مگر باقي ڏکڻ ايشيا ۾ هوءَ تمام سٺي غزل گو گائڪه طور سڃاتي ويندي آهي. هن بنگلاديش، ڀارت ۽، بنگلاديش جي آزاديءَ کان اڳ پاڪستان ۾ ڪيترين ئي فلمن لاءِ گيت ڳاتا آهن. هوءَ پنهنجي ڳاتل ڌمال "دمادم مست قلندر"، جي ڪري پڻ مشهور آهي، جيڪا ڪيترن ئي گائڪن ڳاتي آهي.[2][3]

سنڌ ۾ سندس مقبوليت جو سبب طالب الموليٰ جو ڪلام آهي، جيڪو ڳائي رونا ليليٰ سنڌ جي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون. رُونا ليليٰ سنڌي فلمي گيت پڻ ڳاتا آهن.

ذاتي زندگي سنواريو

رُونا ليليٰ ٻه شاديون ڪيون آهن. هن ٻي شادي 2006ع ۾ بنگالي اداڪار عالمگير سان ڪئي. رونا ليليٰ جي ڀيڻ دينا ليليٰ پڻ گائڪه هئي، جنهن پڻ سنڌي گيت ڳاتا آهن. رونا ليلا جا ڪيترائي سنڌي فلمي گيت مشهور ٿيا.

اعزازات سنواريو

  • بنگلاديش
  • هند
    • سهگل اوارڊ، ڀارت
  • پاڪستان
    • نگار اوارڊ (ٻه ڀيرا)، پاڪستان
    • Critics Award
    • Graduate Award twice
    • موسيقيءَ جي قومي ڪائونسل سونو ٻِلو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. Maloy. "Runa Laila Biography, Born, Age, Facts, Song". Legends of Bangladesh. حاصل ڪيل 2020-04-16. 
  2. "رونا ليليٰ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-16. 
  3. "نامياري گلوڪاره رونا ليلى". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-04-16.