رومن سنڌي اسڪرپٽ

اڳ ۾ اسان سنڌي لفظَ يا ٻولَ باقائدي زير زبر، پيش، مخرج يا اعيراب ڏئي لکندا هئاسين. پر هاڻي وقت بچائڻ لاءِ عام طور تي زير، زبر ۽ پيش نٿا ڏيون. پر پوءِ به اسان جڏهن ڪو جملو پڙهندا آهيون يا ڳالهائيندا آهيون يا ڪو ٻول يا لفظ اُچاريندا آهيون ته اسان ان کي زير زبر يا پيش ڏئي اُچاريندا آهيون. ڇو جو زير، زبر، پيش، الف مند (آ)، الف (ا)، و، ي ۽ همدو (ء) وغيره سنڌيءِ ٻوليءَ ۾ لڳ ڀڳ سَر يا واو (Vowel) آوازن وانگر ڪم ڪن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه نيارن لفظن (ايڪسيپشنز) کي ڇڏي، باقي گهڻو ڪري هر سنڌي لفظَ تي مٿي بيان ڪيل سَر آواز ضرور اَچن ٿا.

جيئن ته رومن يا انگريزي صورتخطيءَ ۾ زير، زبر يا پيش وغيره ڪونهن، ان ڪري انهن جي جاءِ تي واو آواز يعني a e i o u يا سيمي واو آوازن تحت واءِ يا وائے وغيره ان مقصد لاءِ ڪتب اچن ٿا.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو رومن سنڌي ۾ زير، زبر ۽ پيش جي ڏاڍي اهميت آهي، ڇو جو هاڻوڪي گاڏڙ عربي فارسي ٽٻڪن واري ٻاونجھائي صورتخطيءَ ۾اعيرابَ رومن سنڌي ۾ واو Vowel آوازن وانگر ڪم اچن ٿا يا ڪم ڪن ٿا ۽ انهن کان سواءِ ڪو به سنڌي ٻول، رومن سنڌيءَ ۾ لکي نٿو سگهجي. رومن سنڌيءَ ۾ لفظ جي اُچار، آواز، بيهڪ، گهڙت، ۽ گهرج آهر زَبرَ لاءِ گهڻو ڪري اَيَ (A) ڪتب اچي ٿي، پر ڪن خاص حالتن يا صورتن ۾ رومن سنڌي ۾ ايڪسيپشن (نيارپ) جي طور تي زبرَ لاءِ ”يو“ به ڪتب آڻي سگهجي ٿي. ساڳي نموني رومن سنڌيءَ ۾ زير لاءِ آءِ (I) ڪتب اچي ٿي، پر ڪن خاص حالتن يا صورتن ۾ ايڪسيپش جي طور تي زير لاءِ (E) به ڪتب آڻي سگهجي ٿي. ساڳي نموني رومن سنڌي ۾ پيش ڏيڻ يُو (U) ڪتب اچي ٿي. رومن سنڌي ۾ لفظَ لکڻ مهل جيترو اسان زير، زبر ۽ پيش يا واوز (Vowels) جو خيال رکنداسين، اوترو ئي رومن سنڌي صحيح ۽ سٺي لکجندي. اندس رومن سنڌي يا سنڌو رومن سنڌي بلڪل ساڳي سنڌي ٻولي ئي آهي، رڳو لکڻ جي لپيءَ جو فرق آهي ۽ رومن سنڌيءَ لپي يا صورتخطيءَ ذريعي ڪير به سنڌي ٻولي ڏاڍي سوالائي سان لکي ۽ پڙهي سگهي.

رومن سنڌي صورتخطي

Roman Sindhi Sindhi
AA آ، اڀو الف
A ا، ع
B ب
BB ٻ
C Use C when needed
P پ
BH ڀ، بھ
T ت، ط
TH ٿ، تھ
TT ٽ، ٹ
THH ٺ، ٹھ
J ج
JH جهه
JJ ڄ
NJN ڃ
CH چ
CHH ڇ، چھ
H ه، هه، ح
KH خ
KHH ک، کھ
D د
DH ڌ، دھ
DD ڏ
'D ڊ، ڈ
DHH ڍ، ڈھ
R ر
RR ڙ، ڑ
S س، ث، ص
SH ش
G' or GHH غ
F ف
PH ڦ، پھ
K ڪ
Q ق
G گ
GG ڳ
GH گھ
NGN ڱ
L ل
M م
N ن، ں
NN ڻ
W, V و
X Use X when needed
Y, E, EE, I ي، ی، ے
Z ض، ذ، ز، ظ

رومن سنڌي ۾ ڪن خاص صورتن ۾ زبر ڏيڻ جون نيارپون (ايڪسيپشنز)

هونئن ته اسان کي خبر آهي ته رومن سنڌي ۾ زبر لاءِ اَيَ (A) ڪتب آڻيون ٿا. پر رومن سنڌي ۾ زَبرَ ڏيڻ جي حوالي سان هڪ نيارپ (ايڪسيپشن) آهي اها نيارپ هي آهي ته ڪن خاص صورتن ۾ اکر جي آخر ۾ زبر (اي) ڏيڻ جي بدران اکر جي منڍ ۾ زبر (اي) ڏيڻي هوندي آهي. مثال جي طور تي اسان جڏهن سنڌي ۾ (تي) لکندا آهيون ته هن ريت (ت ي زبر تيَ) هِجي ڪري لکندا آهيون. هاڻي اسان جيڪڏهن هن نموني يا ڍنگ سان تيَ (Te) لکون ٿا ته ان ۾ زَبرَ جو آواز ظاهر نٿو ٿئي ۽ (Te) مان خبر نٿي پوي ته اها (ت ي زير تيِ) آهي يا (ت ي زبر تيَ) آهي. جيڪڏهن اسان (Te) ۾ زَبرَ ڏيکارڻ لاءِ اَيَ (a) هڻون ٿا ته انگريزيءَ جي ٽي (Tea) يا چانھ ٿي پوي ٿي. رومن سنڌيءَ ۾ (ي) جا مختلف آواز ڏيکارڻ لاءِ (e, i & y) ڪتب اچن ٿا. هاڻي جيڪڏهن اسان هن نموني تيَ (Ty) لکون ٿا ۽ زبر ڏيکارڻ لاءِ واءِ کانپوءِ زبر لاءِ (a) ڏيون ٿا ته پوءِ اهو تيا (Tya) ٿي پوي ٿو. تنهنڪري رومن سنڌي ۾ اهڙين خاص صورتن ۾ اکر کان پهرين زبر (a) ڏيڻ جي اجازت آهي. تنهنڪري ڪري رومن سنڌي ۾ جڏهن اسان (ت ي زبر تيَ) لکندا آهيون ته هن ريت (Tay) لکندا آهيون. يا جڏهن اسان لفظ (خير) رومن ۾ لکندا آهيون ته هن ريت (Khair) لکندا آهيون. اوهان هن اسپيلنگ ۾ ڏسندئو ته خ جي لاءِ (Kh) ۽ ي جي لاءِ آءِ (i) ۽ ي يعني آءِ کي زبر ڏيڻ لاءِ (a) اصل ۾ (آءِ) کانپوءِ ڏيڻ جي بدران (آءِ) کان پهرين ڏنل آهي.

ي زَبرَ يَ AE
ي زَبرَ يَ AI
ي زَبرَ يَ AY

رومن سنڌي ۾ زِير، زَبرَ ۽ پيش

Roman Sindhi’a mein zabar laai "A" katab achay thee, par kin khaas haalatin yaa sooratin mien exception jay tour tay zabar laai "U" pinn katab aannann jee ijaazat aahay.

رومن سنڌيءَ ۾ (اَيَ) زَبر جي طور تي ڪتب اچي ٿي. عام طور تي زبر لاءِ اسان ايَ (اے) ڪتب آڻيون ٿا پر ڪن صورتن ۾ گهرج آهر ”يو“ (U) کي به زبر جي طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو A
رومن سنڌيءَ ۾ آءِ زير لاءِ ڪتب اچي ٿي، پر ڪن خاص صورتن ۾ گهرج آهر اِيِ (E) به زير لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿي I
سنڌو رومن سنڌيءَ ۾ (يو) پيش جي طور تي ڪتب اچي ٿو U

سنڌو رومن سنڌي ۾ الف ۽ زبرَ ڏيڻ لاءِ انگريزيءَ جي اَيَ ڪتب اچي ٿي

اُچارن جو سانچو
ث، س، ص S
ثَ، سَ، صَ SA
س الف زبر سا SAA

رومن سنڌيءَ ۾ زبرَ ڏيڻ جي مثالن جا سانچا

زَبرَ
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ رومن سنڌي ۾
ھَ، حَ HA
جھَ JHA
ڪَ، قَ KA, QA
تَ TA
ٽَ TTA
ٺَ THHA
رَ RA
ڙَ RRA
رََ. ذَ، ضَ، ظَ ZA
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ رومن سنڌي ۾
الف مند آ، ع الف زبر عا AA
ڪ الف زبر ڪا، قا KAA, QAA
ڀ الف زبر ڀا BHAA
س الف زبر سا، صا، ثا SAA
ت الف زبر تا، طا TAA
ٽ الف زبر ٽا TTAA
ھ الف زبر ها، حا HAA
گ الف زبر گا GAA
ز الف زبر زا، ظا، ذا، ضا ZAA
اي، عي AY
اَئو، عَئو AO, UO
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ رومن سنڌي ۾
بيَ BAY
ٻيَ BBAY
ڀيَ BHAY
تيَ TAY
ڇيَ CHHAY
ڃيَ NJNAY
ڱيَ NGNAY
ڙيَ RRAY
ڦيَ PHAY

رومن سنڌيءَ ۾ زِير ڏيڻ جي مثالن جا سانچا

زير
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ رومن سنڌي ۾
اِ، عِ I
ھِ، حِ HI
ڄِ JJI
گھِ GHI
جھِ JHI
ڪِ، قِ KI, QI
ثِ، صِ، سِ SI
تِ TI
ٽِ TTI
زِ، ذِ، ضِ، ظِ ZI
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ رومن سنڌي ۾
اِي، عِي EE
بِي BEE
ٻِي BBEE
ڀِي BHH
چِي CHEE
تِي TEE
ٽِي TTEE
ثِي، سِي، صِي SEE
زِي، ظِي، ذِي، ضِي ZEE

رومن سنڌيءَ ۾ پيشُ ڏيڻ جي مثالن جا سانچا

پيشُ
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ رومن سنڌي ۾
اُ، عُ U
ھُ، حُ HU
ڄُ JJU
گھُ GHU
جھُ JHU
ڪُ KU
ثُ، صُ، سُ SU
تُ TU
ٽُ TTU
زُ، ذُ، ضُ، ظُ ZU
سنڌي لفظَ پيش سان
ٽٻڪن واري گاڏڙ عربي فارسي سنڌي ۾ رومن سنڌي ۾
مثالُ Misaalu
مرچُ Mirchu
شُڪُرُ Shukuru

سنڌي ٻوليءَ جا سَر يا واوز (Vowels) اکر

سنڌي سَر اکر
آ اَ اِ اِي اُ اُو اي اَي او اَو
هيٺيان اکر لڳ ڀڳ رومن سنڌيءَ ۾ سَر اکرن يا واوز (Vowels) طور ڪتب اچن ٿا
رومن سنڌي ۾ سَر يا واوز (Vowels) اکر a aa i ee u oo e ai au a'n
سَر (Vowels)اکر سان وينجھڻ (Consonant) اکرن جو ڳانڍاپو Ma Maa Mi Mee Mu Moo Me Mai Mau Ma'n

چار چُوسڻا آوازَ

سنڌي صورتخطيءَ جا چار چوسڻا آواز (Chaar Choosinna Aawaaz) يا اکر هي آهن:

ڏ ڳ ڄ ٻ
dd gg jj bb

[1][2][3][4]

رومن سنڌي ڊڪشنريءَ جو ڳنڍڻو

رومن سنڌي آن لائين ڊڪشنري انٽرنيشنل گلوسبي ڊڪشنريز [5]

رومن کان سنڌي يا سنڌي کان رومن جو پروگرام

سنڌي ٻوليءَ کان رومن لپي ۽ رومن لپيءَ کان سنڌي لپيءَ ۾ الٿي /ٽرانسلٽريشن ڪندڙ هي پروگرام پي ايڇ پي ۽ ماءِ ايس قيو ايل ۾ ڪوڊنگ ٿيل آهي هن پروگرام جي خاصيت اها آهي ته هن ۾ ڀلي کڻي ک آواز لاءِ ۽ خ آواز لاءِ ساڳيو رومن متبادل KH استعمال ٿيل هجي پر هي پروگرام KHORAAKA جي الٿي خوراڪ ۽ KHOKHAR جي الٿي يا ٽرانسلٽريشن کوکر ئي ڪندو. در اصل ڪوڊنگ ذريعي پروگرام ڳوليندو ته لفظ KHORAKA جا سنڌي آوازي متبادل ڪهڙا ٿي سگهن ٿا مثال طور تي خوراق، کوراق، کوراڪ ۽ خوراڪ هاڻي پروگرام ڏسندو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن جي ڊيٽابيس يا ٽيبل ۾ ڪهڙو لفظ محفوظ ٿيل آهي ظاهر آهي ڪمپيوٽر کي لفظ خوراڪ ئي ملندو اهڙي نموني مخرجن جا مسئلا يعني ويجھن آوازن جون ڌار ڌار نشانيونبه حل ٿي وڃن ٿا . ان سان گڏ لفظ سنڌ کي سُر ڏئي لکڻ سان ڊيٽابيس ۾ سِنڌ محفوظ ٿيندو پر ڪير هن پروگرام ۾ بغير اعرابن جي سنڌ ائين ئي لکندو ته پروگرام ان جي الٿي sindh يعني انگريزي سُرن سان درست ئي ڪندو.

https://sourceforge.net/projects/sindhi-to-roman-transliterate/

ويب پروگرام https://fahad-memon.com/sindhi%20transliteration هن ويب سائيٽ تي وڃي سنڌي لفظن کي اعراب يا زير زبر پيش ڏيندا رهو ان سان ٽرانسلٽريشن جي بهتريءَ ۾ ڪافي اضافو ٿي ويندو عڪس https://a.fsdn.com/con/app/proj/sindhi-to-roman-transliterate/screenshots/diagram.png/max/max/1

حوالا

6- https://fahad-memon.com/sindhi%20transliteration