رزميه شاعري
رزميہ شاعري (epic) ان ڪلام کي چئبو اھي، جنھن ۾ جنگ جي ميدان ۽ بھادرن جي ڪارنامن جو ذڪر وڏي اب ۽ تاب سان ڪيو وڃي. ھن قسم جي شاعريءَ ۾ حب الوطنيءَ جو اثر گھڻو غالب ھوندو اھي، ان ڪري ان ۾ بھادريءَ جا ڪارناما ۽ سپاھين جي شجاعت جا جوھر ۽ جذبا دلچسپ نموني بيان ڪيا ويندا اھن. سنڌي شاعريءَ ۾ سڀ کان اول سومرن جي دؤر (1050-1350ع)حڪومت ۾ رزميہ کاھون چيون ويون. جھڙوڪ سومرن ۽ گجرن، سومرن ۽ علاءُ الدين جي جنگ ۽ دودو ۽ چنيسر جي جنگ وغيره جون لڙايون. هي شاعريءَ جا نمونا رزميہ شاعريءَ ۾ شمار ٿين ٿا.[1]رزميہ شاعري (Ramzia shaairi) ان ڪلام کي چئبو اھي، جنھن ۾ جنگ جي ميدان ۽ بھادرن جي ڪارنامن جو ذڪر وڏي اب ۽ تاب سان ڪيو وڃي. ھن قسم جي شاعريءَ ۾ حب الوطنيءَ جو اثر گھڻو غالب ھوندو اھي، ان ڪري ان ۾ بھادريءَ جا ڪارناما ۽ سپاھين جي شجاعت جا جوھر ۽ جذبا دلچسپ نموني بيان ڪيا ويندا اھن. سنڌي شاعريءَ ۾ سڀ کان اول سومرن جي دؤر (1050-1350ع) حڪومت ۾ رزميہ کاھون چيون ويون. جھڙوڪ سومرن ۽ گجرن، سومرن ۽ علاءُ الدين جي جنگ ۽ دودو ۽ چنيسر جي جنگ وغيره جون ويڙهون. هي شاعريءَ جا نمونا رزميہ شاعريءَ (epic poetry) ۾ شمار ٿين ٿا.[2]
جنگ نامو
سنواريوجنگ ناما (Epics) جنگ ناما واقعاتي شاعريءَ جو اهو نمونو آهي، جن ۾ ڪنھن جنگ جي يادگيري، منظر نگاري، جيت يا هار جو نقشو چٽيل هجي. جنگ ناما، اصل ۾ رزميہ شاعري هوندا آهن. سنڌي لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب ’جنگ ناما‘ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي.[3]
راسو
سنواريوٿر ۽ راجستان ۾ رزميہ شاعريءَ کي راسو يا راسوڙو چوندا آهن. جنھن ۾ جوڌن جي سورهيائيءَ جي واکاڻ ڪيل هوندي آهي. پروفيسر محرم خان لکي ٿو تہ ”دودي چنيسر واري رزميه ڳاھ/داستان کي ”دودل راسو“ چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. [4]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.