رد عمل: ري ايڪشن:(Reaction):

تصوير م نيوٽن جو ٽيون قانون ڏيکاريل آهي جنھن ۾ ٻه اسڪيٽر ھڪٻئي کي ڌڪو ڏيئي رھيا آھن.پھرين کاٻي پاسي وارو اسڪيٽر ٻئي اسڪيٽر تي پوري سارو زور ہا فورس force N12 لڳائي کيس ساڄي پاسي ڌڪي ٿو، ۽ ٻيو وري پھرين کي کاٻي طرف پورو زور يا فورس N12 لڳائي پھرين کي کاٻي پاسي ڌڪي ٿو
ٻنھي زورن (forces) جي شدت (magnitudes) برابر ھوندي بہ اھي مخالف طرفن ڏي ڌڪجن پيا جيڪو نيوٽن جو ٽيون قائدو آھي

نيوٽن جو ٽيون قاعدو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن A زور B مٿان لڳائي ۽ B وري ساڳيو زور A مٿان لڳائي ته پھريون زور ايڪشن يا عمل سڏبو ۽ ۽ ٻيون زور وري ري ايڪشن يا رد عمل سڏبو. ياد رھي تہ زور کي انگريزي ۾ فورس چوندا `ھن پر پراڻي انگريزي ۾ فورس کي لفظ ايڪشن سان ظاهر ڪندا ھئا تنھنڪري نيوٽن جو فورس جو ٽيون قائدو ايڪشن جو ٽيون قاعدو سڏبو آهي. فزڪس جي ڊڪشنريءَ مطابق رد عمل جو ڪڏھن ڪڏھن ھڪ محدود حالت ۾ به استعمال ٿيندو آھي يعني ڪنھن ٽيڪ جو ڪنھن شئي تي ٽيڪ ڏيڻ سان ٿيندو آهي.ان صورت ۾ عمل ان شئي تي ٽيڪ جي وزن جو نتيجو ھوندو آھي.

آئزڪ نيوٽن(1643–1727) جيڪو ماھر طبعيات ھو جنھن حرڪت جا قانون دريافت ڪيا