راڻو (راڳ)
راڻو جيئن پنجاب ۾ هِير لاءِ هڪ خاص سُر وقف ٿيل آهي، تيئن سنڌ جي لوڪ ڪهاڻي، ”مومل راڻو“ لاءِ به خاص راڳ وقف ٿيل آهي، جنهن کي ”راڻو“ چيو ٿو وڃي، راڻو سنڌي موسيقيءَ ۾ خاصي اهميت رکي ٿو. هن راڳ ۾ مومل راڻي جي ڪهاڻيءَ متعلق بيت، ڪافيون ۽ وايون ڳايون وينديون آهن. راڳداريءَ جي گزٿن ۾ هن جهڙوراڳ نٿو ملي هن راڳ جي آروهيءَ ۾ ڇهه سر ۽ امروهيءَ ۾ ست سر لڳن ٿا. ان ڪري هن کي ”کاڊيو سمپورن“. چئجي ٿو. هن راڳ جي آروهي امروهي هي آهي: آروهي : سا- ري- ما- پا- ڌا- سا. امروهي : سا-ني-ڌا- پا-ما-گا- ري-سا. هن راڳ ۾ ”ڌيوت، ٻئي لڳن ٿا. ”تيور“ به ۽ ڪومل“ به. هن راڳ جي شڪل به ڪوهياريءَ وانگر، مٿين سرن ۾ وڌيڪ ظاهر ٿئي ٿي. هن راڳ جا لهرا به نڙ، پايا. دنبوريءَ ۽ ڪينري تي سٺا لڳن ٿا. هن راڳ جي آلاپ وڌيڪ ڏکاري ٿئي ٿي. هي راڳ به شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زماني کان رواج ۾ آهي..[1]
راڳ | |
فهرست ٺاٺ | |
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}