آساوري

هندستاني راڳ

هي آساوري ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي، جنهن ۾ گنڌار ۽ نکاد ورج آهن، پر امروهي سمپورن اٿس گرهه جو سُر مڌم، نياس جو سُر پنچم اٿس. ڪي گائڪ امروهيءَ ۾ رکب ڪومل هڻندا آهن: اهي ببادي سُر آهن، جن جي هڻڻ سان راڳڻي جي صورت بگڙي ڪا نه ٿي. هي اترانگ جي راڳڻي آهي. ان لاءِ راڳڻي جا انگ امروهي ۾ ظاهر ٿيندا آهن. امروهي ۾ مڌم دربل اٿس ۽ گنڌار ۽ پنچم جي سنگت رهي ٿي. خاص تان؛ سا ري ما پا ڌاڌا پاماپاڌاگا ري سا نا ڌا پامِاپاڌا ڌا ساري ما پا ڌاگا ري سا.
آروهي: ساري ماپا ڌاسَا.
امروهي: سانا ڌاپا ماگاري سا
وادي سر: ڌيوت.
سم وادي سر: رکب

راڳ
فهرست ٺاٺ
ڪلياڻ ٺاٺ
ايمن ڪلياڻڀوپالي
پيرون ٺاٺ
ڀيرويگن ڪاليللتمالڪوس
ٽوڊي ٺاٺ
ميان جي ٽوڊيملتاني
کاڊيو ٺاٺ
راڻو
کلچ ٺاٺ
راگيشريتلنگتلڪ جو مودجهنجهوٽي
ماروا ٺاٺ
مارواپوريا
آساوري ٺاٺ
آساوريدرٻاري
بلاول ٺاٺ
ڪيداراپهاڙيڀاڳ
پوربي ٺاٺ
پوريا ڌناسريبسنت
ڪافي ٺاٺ
شدھ بهارپیلوڀيم پلاس

ڳائڻ جو وقت

سنواريو

ڏينهن جو ٻيو پهر (نوٽ: راڳ ساگر ڪتاب ۾ ڳائڻ جو وقت صبوح جو پهريون پهر ڄاڻايو ويو آهي)
آساوري هي ٻن طريقن سان ڳاتي وڃي ٿي. هڪ ته آساوري الڳ ٺاٺ آهي، جنهن ۾ رکب تيور ٻيو ڀيروي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. جنهن جي آروهي ۾ گنڌار ۽ نکاد ورج آهن. امروهي سمپورن آهي. مڌم، گرهه جو سر آهي. پنچم نياس جو سر آهي.
آروهي: ساراما پاڌاسا
امروهي؛ سا نا ڌا پا ما گا را سا
وادي سُر: ڌيوت
سموادي سُر: رکب
سمو: ڏينهن جو ٻيو پهر.
پلٽو: ما ما پا ڌا ڌا نا پا پا ڌا ما پا ڌا گا را سا نا ڌا پِا مِا پِا ڌِا ڌِا سا را ماپا ڌا گا را سا
گرنٿن ۾ هن جو نالو نٽ -ڀيروي- ميل ڄاڻايل آهي. سر هي اٿس سا ري گي ما پا ڌا ني سا
کرج: رکب تيور گنڌار ڪومل مڌم شڌ پنچم ڌيوت ڪومل نکاد ڪومل
هن ٺاٺ جون راڳڻيون:
آساوري: جو نپوري ديو گنڌار سنڌ اڙانو ڪوسي. درباري ديسي کٽ اڀيري.[1]