راوت فقير لغاري (انگريزي:Rawat Fakir Laghari) ڪلهوڙن جي دور جو ڀزرگ آهي جنهن جو تعلق ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي دور ۾ ميانوال تحريڪ سان هو. سندس مزار ۽ قبرستان سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي ڳوٺ حاجي خان لغاري کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اتر اولھ ۾ واقع آهي. سندس قبرستان ۾ مقبرن جي ديوارن تي فريسڪو چٽسالي پڻ شاندار ٿيل آهي جيڪا ڪلهوڙن جي دور جي يادگار آهي ۽ سنڌ ۾ سنڌي آرٽ آف پينٽنگ جو بهترين مثال آهي. ڪافي مقڀرا ميسارجڻ جي ڪنڌي تي آهن.[1] [2]

راوت فقير لغاري جو مقبرو

حوالا سنواريو

  1. "راوت فقير لغاري جو قبرستان....عزيز ڪنگراڻي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-21. 
  2. ڪتاب:دادو ائٽ گلانس ،نياز ڊاڪٽر عباسي، 2011ع