راهيجي واري جنگ
راهيجي واري جنگ (Raahijay waari jang) يا راهيجي وارو مقابلو خاص طور لهاراڻين برفتن ۽ ڄام بجار جي پـُـٽ چاڪر جوکيي (Chaakar Jokkhiyo) جي وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ چاڪر ماريو ويو. راهيجي جو مڪان، ڪاري جبل کان اُتر طرف آهي، جتي پٿرن جا نشان لڳل آهن.
چاڪر جوکيو، ڄام بجار جوکيي جو پٽ هو ۽ وڏو بهادر هو. ايڏي طاقت هئس جو تازي مئل جانور جا عضوا پٽي اڇليندو هو. جهيڙي جو جهونجهار هو. مخالفن سان وڙهڻ ۽ وير وجهڻ جو ڪوڏيو هو.
هن جنگ جي خبر، ان جو سبب ۽ چاڪر جوکيي بابت حال احوال وڏي محنت سان جدا جدا ڄاڻو ماڻهن ۽ سگهڙن کان گڏ ڪيا ويا. جيئن ته: دريجي جو سگهڙ مرحوم محمد امين ڀوتاڻي (اميد علي خان جو مامو)، سردار اميد علي خان ڀوتاڻي، سگهڙ حاجي محمد سوڍو بگهياڙ (ميرپور ساڪرو) ۽ حاجي اسماعيل بنديچو (ڪرمتي)، سگهڙ عبدالله جوکيو، وڏيرو علي مراد ٻـُـرو (اٿل)، عبدالرحمان رونجهو (شهر ٻيلو)، سگهڙ الله بخش پالاري، ڀرئو خان گبول (چکرو، شهر ڪراچي). چاڪر سورهيه هو, پر ڏنگو ۽ ارڏو سورهيه هو.
هڪ ڀيري سن ۾ سيدن وٽ ويو. اتي ڪنهن نوجوان وٽ گولي مار نئين بندوق هئي، جنهن چيو ته هي گولي پري کان شينهن کي اڦٽ ماري ڇڏيندي. اهو وقت ترار جو هو ۽ چاڪر ترار جو تکو هو. اهو ٻڌي چاڪر چيو ته: اها شينهن کي ماريندي پر ميدان ۾ مڙس کي نه ماريندي. نوجوان سيد چيو ته: نه، ماريندي، تڏهن چاڪر چيو ته: آءٌ ٿو ترار ڪڍي ٻاهر نڪران ۽ ڀل ڪو اها بندوق کڻي ميدان ۾ اچي، پوءِ ڏسون ته مون کي ٿو ماري يا آءٌ ٿو اڳ ۾ مٽ ڪريانس. پوءِ هن نوجوان بندوق کنئي ۽ چاڪر وڃي سامهون پڙ ڪيو. ايتري ۾ اها ڳالهه اندر حويلي تائين پهتي ۽ وڏو سيد وڌي اچي وچان پيو. چون ٿا ته : هڪ ڀيري چاڪر سن ۾ آيو ۽ سيدن جي اوطاق تي ٻين سان گڏ ويٺو هو جو پريان ڪارو نانگ ڪچهريءَ ۾ گهڙي پيو. ٻيا ماڻهو ڊپ کان ڀڄي پاسي ٿيا، پر چاڪر جيئن ڪانڀ ڪڍيو ويٺو هو، تئن ويٺو رهيو.[1][2]