رام ڦل:(انگريزي: Annona ) به سيتا ڦل جهڙو ميوو آهي. هندستان ۾ عام آهي، مگر پنجاب ۽ آسپاس وارن پرڳڻن ۾ ڪين ٿيندو آهي. هن جي ۽ سيتا ڦل جي وچ ۾ تفاوت هي آهي، ته هن جي کل اندر مال ٻنهي جي گهڻو ڪري هڪ جهڙو هوندو آهي. مگر سيتا ڦل ۾ زياده لذت ۽ خوشبوءِ ٿئي ٿي. جڏهن سيتا ڦل لهي بس ڪندا آهن، تڏهن رام ڦل لهندا آهن، تنهن ڪري گرم ڏينهن ۾ ڪمائتا ٿين ٿا. هن وڻ يا ميوي سان هلت ساڳي اهڙي ڪرڻ ۾ اچي ٿي، جهڙي سيتا ڦل سان.[3] رام ڦل کي هندستانيءَ ۾ مالهي نونا به چوندا آهن، ڇالاءِ جو ان جو انگريزي نالو آهي انونا، ۽ بعضي بُلڪَس هارٽ (يعني ڏاند جي دل) به چوندا اٿس، جو انهيءَ ميوي جي شڪل اهڙي ٿيندي آهي.

رام ڦل
انومان اسڪئموسا
اينونا موريڪاٽا
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): Annonaceae
Genus: Annona
ڪارل لينيوئس[1]
قسم جنس
اينونا موريڪاٽا
جنسون

Some 100-150

هم معنيٰ

گئانابئنوس مل.
رائمونڊيا سئف.
رولينيا A. St.-Hil.
رولينيوپسس سيف. [2]

هن ميوي جهڙو يا انهيءَ قسم جو، هڪڙو ٻيو به ميوو ٿيندو آهي جنهن کي ولايتي نونا چوندا آهن. اهو قد جو وڏو ٿيندو آهي. ناريل کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي.اندر کٽمٺو ٿيندو آهي ۽ ٻاهران ڪَنڊن وانگي پاسا ٿيندا اٿس. هندستان ۾ گهڻو عام ناهي، آسام ۾ چڱو ٿيندو آهي. اهو ميوو جون جي آخر ۾ پچندوآهي، ۽ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ کاڄندو آهي. پڪي مهل ٻاهران ڳوڙهو سائو ٿيندو آهي. اندر ڳر ۾ انناس جهڙي باس ٿيندي اٿس، جا گهڻن کي ڪين وڻندي آهي. کائڻ ۾ به ڪن کي لذت ڏيندو آهي. بعضي کنڊ وجهي کائيندا اٿس. هي ٻه سيتا ڦل وانگي پوکبو آهي.[3]

حوالا سنواريو

  1. Natural Resources Conservation Service (NRCS). "PLANTS Profile, Annona L.". The PLANTS Database. United States Department of Agriculture. حاصل ڪيل 2008-04-16. 
  2. Germplasm Resources Information Network (GRIN). "Genus: Annona L.". Taxonomy for Plants. USDA, ARS, National Genetic Resources Program, National Germplasm Resources Laboratory, Beltsville, Maryland. حاصل ڪيل 2008-04-18. 
  3. 3.0 3.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو