رابرٽ اووين
رابرٽ اووين (انگريزي: Robert Owen) /ˈoʊɪn/ ;( 14 مئي 1771- 17 نومبر 1858)ھڪ ويلش ٽيڪسٽائيل صنعڪار ، انسان دوست سماج سڌارڪ، يوٽوپيائي سوشلزم ۽ باھمي سھڪار جي تحريڪ جو ھڪ باني ھيو. ھي مزدورن جي حالات جي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ لنڊن مان مزدورن جي وڪيل طور سڃاتو ويندو هو.
رابرٽ اووين | |
---|---|
اووين 50 سالن جي عمر ۾ | |
پيدائش | 14 مئي 1771 نيوٽائون، مونٽگومري شائر، ويلز |
وفات | سانچو:وفات جو ڏينهن ۽ عمر نيوٽائون، مونٽگومري شائر |
پيشو | سماج سڌارڪ، ھڏڏوکي، ڪپڙي جي مل جو مالڪ، سخي سرمائيدار |
جيون ساٿي | ايني ڪيرولن ڊيل |
ٻار ٻچا | جيڪسن ڊيل
( ڄم: 1799) رابرٽ ڊيل اووين (ڄم:180) وليم(ڄم: 1802) اين يا ايني ڪيرول(ڄم: 1805) جين ڊيل (ڄم:1805) ڊيوڊ ڊيل اووين (ڄم:1807) رچرڊ مئري (ڄم:1810) |
ماءُپيءُ | رابرٽ اووين ۽ اين (وليمز)اووين[1] |
ذاتي زندگي
سنواريورابرٽ اووين 14 جولاءِ 1771 ۾ ويلز جي علائقي مونٽگومري شائر جي ھڪ ننڍي شھر نيوٽائون ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو بہ رابرٽ اووين ھيو جيڪو گھوڙن جا سنج ۽ هنا ٺاهيندو هو ۽ لوھارڪو ڪم ڪندو . هو مقامي پوسٽ ماسٽر پڻ ھيو.[1][2]ھن پنھنجي تعليم ڏھن سالن جي عمر ۾ ڇڏي ڏني ۽ لنڪنشائر جي شھر اسٽيمفورڊ ۾ اپرينٽسشپ ڪيائين ۽ ننڍي عمر ۾ دڪان تي ڪم ڪيائين.[3][4] ارڙھن سالن جي عمر ۾ مانچسٽر آيو جتي ٻارھن سال رھيو ۽ ڪپڙن ۽ پردن جي دڪان تي ملازمت ڪيائين..[5][6] مانچسٽر ۾ ڌاڳي جي مل ۾ حصيداري ڪيائين .[7] 1792 ۾ پيٽر ڊرنڪواٽر مل ۾ حصيداري سان گڏ پڪاڊلي مل جو مينيجر پڻ رھيو. ٻن سالن بعد ان ڀائيواري کي ڇڏي ڪورلٽن ٽوسٽ مل ۾ ڀائيوار رھيو.[8][9] 1793 ۾ ھي مانچسٽر جي ادبي ۽ فلسفياڻي سوسائٽيءَ جو رڪن ٿيو. ,[9]
رابرٽ اووين (1771ع-1858ع) ويلز جو رهاڪو هو. سندس پيءُ لوهه جو سامان وڪڻندو هو ۽ گهوڙن جا سنج ٺاهيندو هو. اووين ستن سالن جي عمر ۾ مدرسي ۾ پڙهڻ کان بس ڪئي ۽ ڳوٺ جي ئي هڪ دڪان تي نوڪري ڪئي. ڏهن سالن جي عمر ۾ هو لنڊن هليو آيو ۽ ڪجهه عرصو نوڪري ڪرڻ کان پوءِ مانچسٽر هليو ويو، جيڪو سوٽي ۽ اوني ڪارخانن جو ڏاڍو وڏو مرڪز هو. پنهنجي فطري ذهانت ۽ اڻٿڪ محنت جي ڪري هو جلد ئي ترقي ڪري ڊرنڪ واٽر ڪاٽن جو مينجر ٿي ويو. ان وقت (1790ع) اووين جي سالياني پگهار 300 پائونڊ هئي. ستن سالن کان پوءِ هن نيولنارڪ جي فيڪٽري خريد ڪئي. اها جاءِ اسڪاٽلينڊ جي شهر گلاسگو کان لڳ ڀڳ 25 ميل پري ڪلائيڊ نديءَ جي ڪناري هڪ ننڍو ڳوٺ هو. ڳوٺ ڇا هو، چورن، شرابين ۽ بدمعاشن جو اڏو هو[10].هن ٻارن جي لاءِ اسڪول کوليا جن ۾ موسيقي ۽ رقص جي تعليم به ڏني ويندي هئي. مزورن لاءِ صاف سٿرا گهر ٺهرايا ۽ راند روند ۽ وندر ورونهه جو سامان مهيا ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو ڏسندي ئي ڏسندي نيولنارڪ جو بدنام ڳوٺ هڪ مثالي ڳوٺ بڻجي ويو[10]
ازدواجي زندگي
سنواريواسڪاٽلينڊ جي گشت دوران ھن کي گلاسگو جي اين ڪيرولين ڊيل سان محبت ٿي وئي جيڪا نيو لئنارڪ ٽيڪسٽائيل مل جي مالڪ جي نياڻي ھئي.30 سيپٽمبر 1799 تي ٻنھي جي شادي ٿي ۽ ان بعد رابرٽ نيو لئنارڪ ۾ گھر قائم ڪيو.ان بعد ھي برئڪس فيلڊ، اسڪاٽ لينڊ منتقل ٿي ويو [9][11][12] ھنن کي ان شاديءَ مان اٺ ٻار ٿيا جن مان پھريون ڄمڻ بعد شروعاتي سالن ۾ ئي مري ويو باقي ٻين ۾ چار پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ھي .[9][4][13]
ليبر ايڪسچينج منصوبو
سنواريواووين سيپٽمبر 1832ع ۾ لنڊن ۾ ليبر ايڪسچينج (مزوري جي مٽاسٽا) جي نالي سان سهڪار جو هڪ ادارو قائم ڪيو. ان جي ميمبرن جو تعداد 840 هو. ايڪسچينج جون ڪجهه شاخون مضافاتي (ڳوٺاڻن) علائقن ۾ به کوليون ويون. اسٽور ۾ خريد ۽ وڪري لاءِ ليبر نوٽ ڇاپيا ويا. جيڪڏهن ڪو رڪن پنهنجو مال اسٽور ۾ وڪڻي ڏيندو هو ته ان کي ٻڌائڻو پوندو هو ته مال جي تياريءَ ۾ ڪيترن ڪلاڪن جو پورهيو سيڙايل آهي. ان موجب هن کي ليبر نوٽ ملندا هئا ۽ هو انهن نوٽن جي عيوض اسٽور تان ضرورت جون شيون خريد ڪري سگهندو هو.[10] اووين جي دعوى هئي ته ”اهو منصوبو ميڪسيڪو ۽ پيرُو جي سونَ چانديءَ جي کاڻين کان وڌيڪ قيمتي آهي.“ پر اووين جو اهو منصوبو به ناڪام ٿي ويو، ڇو ته ايڪسچينج جا ميمبر پنهنجو مال اسٽور ۾ وڪڻڻ وقت پورهيي جي مقدار کي وڌائي ٻڌائيندا هئا ۽ ان سان گڏ هو ردي قسم جو مال آڻيندا هئا. ان جي بدلي ۾ ليبر نوٽ وٺي پوءِ اُوچو مال خريد ڪري هليا ويندا هئا. نتيجو اهو نڪتو ته اسٽور ردي مال سان ڀرجي ويو ۽ ان جو ڪو به گراهڪ نه هو. اووين ليبر نوٽن کي رجسٽرڊ به نه ڪرايو هو. ان ڪري هر ماڻهو، پوءِ اهو ليبر ايڪسچينج جو رڪن هو يا نه، انهن نوٽن کي خريد ڪري يا وڪڻي سگهندو هو. لنڊن جا واپاري سهڪار جي هن ننڍي منصوبي جي تجربي کي به سهڻ لاءِ تيار نه هئا، ان ڪري 300 دڪاندارن ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيترائي ليبر نوٽ خريد ڪري ورتا ۽ اسٽور جي سڀ کان سٺي مال تي قبضو ڪري ورتو ۽ جڏهن اسٽور ۾ رڳو ردي مال بچيو ته نوٽن جي خريداري بند ڪري ڇڏي. ليبر ايڪسچينج جو ڏيوالو نڪري ويو. 1824ع ۾ اووين جي دل هارجي پئي ۽ هن آمريڪا جي راهه ورتي[10].
وفات
سنواريومرڻ کان ڪجهه عرصو اڳ 1857 ۾ ھن پنھنجي آتم ڪٿا لکي ڇپائي ھئي جنھن جو نالو دي لائيف آف رابرٽ اووين ھيو. زندگي جو وڏو حصو انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ گذارڻ بعد پڇاڙي ۾ پنھنجي اصل شھر ويلز جي نيوٽائون موٽي آيو. ھن 17 نومبر 1858 ۾ نيوٽائون ۾ وفات ڪئي. کيس 21 نومبر تي نيوٽائون ۾ دفنايو ويو[9][4][14].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 Douglas F. Dowd. "Robert Owen". Encyclopædia Britannica. Encyclopædia Britannica Inc. حاصل ڪيل 8 September 2017.
- ↑ Arthur H. Estabrook (1923). "The Family History of Robert Owen". Indiana Magazine of History (Bloomington: Indiana University) 19 (1): 63, 69. https://scholarworks.iu.edu/journals/index.php/imh/article/view/6280. Retrieved August 29, 2017. See also: Frank Podmore (1907). Robert Owen: A Biography. I. New York: D. Appleton and Company. pp. 2, 4. https://books.google.com/books?id=E-sJAAAAIAAJ&pg=PR18.
- ↑ Estabrook, p. 63; Podmore, pp. 15–17.
- ↑ 4.0 4.1 4.2 Sir James Frederick Rees. "Owen, Robert ( 1771-1858 ), Utopian Socialist". Dictionary of Welsh Biography. National Library of Wales. حاصل ڪيل 30 August 2017. (online version)
- ↑ Podmore, pp. 23, 41.
- ↑ A memorial plaque marks the firm's location. See "Owen Blue Plaque". حاصل ڪيل 29 August 2017.
- ↑ Podmore, pp. 42–43 .
- ↑ Podmore, pp. 47–48.
- ↑ 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 "Robert Owen Timeline". Robert Owen Museum. حاصل ڪيل 29 August 2017.
- ↑ 10.0 10.1 10.2 10.3 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.(ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ: سبط حسن )
- ↑ Estabrook, p. 64.
- ↑ Robert Dale Owen (1874). Threading My Way, Twenty-seven Years of Autobiography. New York and London: G. W. Carleton and Company; Trubner and Company. p. 56. https://archive.org/details/threadingmyway00unkngoog.
- ↑ Estabrook, pp. 72, 80, 83; Victor Lincoln Albjerg (March 1946). Richard Owen: Scotland 1810, Indiana 1890. The Archives of Purdue, no. 2. Lafayette, Indiana. p. 16. See also: "Richard Owen". Indiana Department of Administration. حاصل ڪيل September 15, 2017.
- ↑ Leopold, Robert Dale Owen, A Biography, p. 327.