ويلز

گڏيل بادشاھ جو حصو، اتر-اولھ يورپ ۾ ملڪ

ويلز (Wales) برطانيا جي 4 آئيني ملڪن مان هڪ آهي جيڪو انگلستان، اسڪاچستان (اسڪاٽ لينڊ)، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ (اتر آئرستان) تي مشتمل آهي. هي برطانيا عظميٰ جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آهي ۽ هن جو سرحدون اوڀر ۾ انگلستان جي ڪائونٽي چيشائر، شروپشائر، هیئر فورڊ شائر ۽ گلوسسٽر شائر سان، ڏکڻ اولھ ۾ رودباد سينٽ جارج ۽ اتر ۽ اولھ ۾ آئرش سمنڊ سان ملن ٿيون. ويلز 20,779 چورس ڪلوميٽر (8,022 چورس ميل) تي پکڙيل آهي جڏهن تہ سال 2011ع جي اندازي جي مطابق هن جي آبادي 30,63,500 ھئي. ويلز جي گادي جو هنڌ ڪارڊف آهي جڏهن ته ويلش ۽ انگريزي قومي ٻوليون آهن.

ويلز جو نقشو
ويلز جو جھنڊو