رائيونڊ مرڪز
رائيونڊ مرڪز (Raiwind Markaz)؛ اردو: رائے ونڈ مرکز) ھڪڙو ڪمپليڪس آھي جيڪا ھڪ مکيه مسجد، اسلامي مدرسو ۽ رھائشي علائقن تي مشتمل آهي. هي مرڪز رائيونڊ شھر ۾ واقع آھي، جيڪو لاھور، پاڪستان جي ويجهو آھي ۽ پاڪستان ۾ تبليغي جماعت جو مرڪز آھي. اهو ڪيترن ئي ماڻهن، بشمول بين الاقوامي مهمانن، کي پنهنجي سالياني اجتماع ڏانهن راغب ڪري ٿو.[1]
Raiwind Markaz | |
---|---|
تبلیغی مرکز رائے ونڈ | |
بنيادي ڄاڻ | |
جاءِ | رائيونڊ، لاھور ضلعو، پنجاب، پاڪستان |
مقانيت | 31°09′09″N 74°07′55″E / 31.1524°N 74.1320°E |
وابستگي | اسلام |
ضلعو | لاهور |
صوبو | پنجاب |
ملڪ | پاڪستان |
Ecclesiastical or organizational status | مسجد، مدرسو |
اڳواڻ | مولانا نذر الرحمان |
تفصيل تعميرات | |
قسم اڏاوت | مسجد |
قسم اڏاوت | پاڪستاني ڳوٺاري |
Founder | حاجي عبدالوهاب |
مڪمل سال | 2006ع |
خصوصيتون | |
گنجائش | 1,50,000 |
ڊيگھ | 500 ميٽر |
ويڪر | 410 ميٽر |
منارا | 2 |
منارن جي اوچائي | 40 ميٽر |
سالياني گڏجاڻي
سنواريواصل مضمون: رائيونڊ اجتماع
اهو مرڪز جي ويجهو (مرڪز کان 5 ڪلوميٽر) اجتماع گاهه ۾ منعقد ٿيندو آهي. اهو پاڪستان ۾ مسلمانن جو هڪ ئي هنڌ تي سڀ کان وڏو اجتماع آهي. پاڪستان ۽ سڄي دنيا مان 20 لک کان وڌيڪ مسلمان هن جاءِ تي ايندا آهن، جنهن جي رٿابندي ۽ انتظام رائيونڊ مرڪز ڪندو آهي. ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت جي ڪري هاڻي ان کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هر سال ٻه حصا ۽ باقي ٻه حصا ايندڙ سال اجتماع ۾ شامل ٿيندا آهن، هر هڪ حصو ٽي ڏينهن جاري رهندو آهي ۽ آخري ڏينهن تي خاص دعا ڪئي ويندي آهي. رائيونڊ اجتماع جي ڪنهن به حصي ۾ پرڏيهي ماڻهن جي اچڻ تي ڪا به پابندي ناهي. انهن ڏينهن تي مختلف ملڪن جي عالمن کي دعوت ڏني ويندي آهي. اجتماع مسلمانن جي سڀني فرقن لاءِ آهي. هن سالياني اجتماع جو واحد مقصد هڪ امت ٺاهڻ ۽ الله تي پختو ايمان آڻڻ آهي. هندستان ۽ پاڪستان ۽ مسلم دنيا جي ٻين حصن مان عظيم مسلمان عالم به تقريرون ڪندا آهن. غير ملڪين لاءِ الڳ جاءِ آهي، جن سان گڏ مترجم به هوندا آهن.
پڻ ڏسو
سنواريو- تبليغي جماعت
- نظام الدين مرڪز، ڀارت
- ڪڪريل مسجد، بنگلاديش
خارجي لنڪس
سنواريوسانچو:Tablighi Jamaat سانچو:Mosques in Pakistan سانچو:Authority Control
حوالا
سنواريو- ↑ "Fig. 2: Markaz of Tabllghl Jamac at in Raiwind (Pakistan), 25,000 peo...". ResearchGate. حاصل ڪيل 2019-01-14.