راء بھادر اوڌو داس تارا چند
سندس اصل نالو اوڌو داس تاراچند ڇاٻڙيا هو. سندس جنم شڪارپور ۾ ٿيو. شڪارپور جي سماجي تاريخ ۾، سندس نالو مٿانهون آهي. شڪارپور ۾ مندر روپي اسپتال لاءِ بمبئيءَ مان ٻاويهه هزار اٺ سؤ ڇاهٺ رپيا چندو گڏ ڪري اسپتال جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايائين. ڄاڻايل اسپتال جي تعمير لاءِ کيس وڏا ڪشالا ڪڍڻا پيا، ڇوته هڪ طرف ملڪي حالتون ٺيڪ نه هيون، ٻيو ته ورهاڱي وارين سياسي تحريڪن جي ڪري اوڌوداس، ذهني، اقتصادي ۽ روحاني طور ايترو سرگرم ٿي ويو، جو پاڻ بمبئيءَ ۾ چندي گڏ ڪرڻ واري مهم دؤران اچانڪ طبيعت جي خرابيءَ سبب ”سرهري ڪشنداس اسپتال بمبئيءَ“ ۾ بستري تي داخل ٿيو. ائين پوءِ سندس طبيعت بگڙجندي وئي ۽ 17 جنوري 1943ع تي لاڏاڻو ڪيائين. سندس لاڏاڻي کان پوءِ، اسپتال جو انتظام سندس پٽ جي حوالي ٿيو، پر کانئس انتظام نه هليو. آخر پهرين جولاءِ 1947ع تي اسپتال سرڪار جي تحويل ۾ آئي. هن دڀالو ۽ دانوير شخص جي نالي سان شڪارپور ۾ قائم اسپتال جي چانئٺ جي هر ڏاڪي تي سندس نالو لکيل آهي، ان لاءِ سرڳواسيءَ جو چوڻ هو ته مريض جڏهن منهنجي نالي کي لتاڙي استپال ۾ داخل ٿيندا ته منهنجي روح کي آرام ايندو، سرڳواسيءَ جو مجسمو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ رکيل آهي.
هي آهي راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند جنهن پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي ان وقت جي ميونسپل شڪارپور ۾ هڪ تمام وڏي اسپتال ٺهرائي وقف ڪري ڇڏي، جيڪا اترسنڌ جي وڏي اسپتال هئي.
اها اسپتال جي عمارت اڄڪلهہ سول اسپتال شڪارپور جي نالي سان ڪم ته ڪري رهي آهي پر سندس نالو ۽مجسمو اسپتال تان هٽايو ويو جيئن اڪثر سنڌي هندن جي ٺ ٺهرايل ادارن تان هٽايو ويو آهي پر اسپتال ڪم ڪري رهي آهي.
هن مها پرش اسپتال جي ٻاھران ڏاڪڻ تي پنهنجو نالو لکرايو، جو اڄ بہ موجود آ. جڏهن ساڻس کان ان جوسبب پڇيو ويو تہ هن چيو تہ جڏهن ڪنهن مريض کي شفا ملندي ۽ ھو انجي نالي مٿان گذرندو تہ هن جي آتما کي شانتي ملندي.
هو هڪ شاعر بہ هو. هن جو هڪ شعر اسپتال تي اڃا تائين مريضن لاءِ آسيس بڻيل ھڪ سنگِ مرمر جي پٿر تي اڪريل آ.
سڀن جا دُک دور ڪر سڀ جو ڪر ڪلياڻ، دانهون دُکين جون ٻڌي مالڪ ٿي مهربان، ٻڌُ عرضي اوڌو جي ڏي تندرستي دان.
هن جي شاعريءَ ۾ ڪيڏو نہ درد آ ٻئي جي درد لاءِ. [1]