دويت
دويت، دوئي يا ٻيائي (Dualism) فلسفي جي دنيا ۾ هر نظرئي ۾ هر صورت جي لحاظ کان ٻہ اصول عمل پيرا ٿيندا آهن. مثال طور خيال ۽ مادو، هيئت ۽ شڪل وغيره . يوناني ڏاهن دويت جي نظرئي کي متعارف ڪرايو، خاص طور تي افلاطون (424-347 ق-م) ان ۾ وڏو ويساه رکندو هو. ان جو ضد “ادويت” آهي. تصوف ۽ ويدانت ۾ وحدت جو تصور آهي، جنھن ۾ شرڪ يا دويت جي نفي هوندي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.