درونج
درونج (عربي: درونج عقربي، فارسي: درونج، ھندي/اردو وغيره: اتربڪ ۽ درونگ) وڇون جي پڇ وانگر گريدار ڀوري رنگ جي پاڙ آهي.
طب
سنواريواثر: گرم خشڪ 3،
نقصان: گرم مزاجن کي: ميل سؤنف رومي،
عيوض: ڪپور ڪچڙي، وزن: هڪ کان ٽي ماسا.
خاصيت: حواسن ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿي، دل کي خوش ڪري ٿي، ۽ ترياق آهي. وبائي دستن، جگر، ٻرهل، سودا، ۽ بلغم جي خلطن لاءِ، مٿي جي سور، ماليخوليا، خفقان جي بيمارين ۾ مفيد آهي. غليظ وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي. هاضمي کي تقويت ڏئي ٿي، ۽ بک وڌائي ٿي. وڇونءَ جي زهر تي اثر ڪري ٿي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.