خير محمد چانڊيو
لاڏيون ، شاھ بندر جي خانبهادر خير محمد خان ولد رئيس ڏتل خان چانڊيو جا وڏا اصل غلام محمد خان خاصي چانڊين جي ڳوٺ (تعلقي دادو) جا ويٺل هئا، جتان سندن وڏو ڏاڏو رئيس باگو خان، مائٽن سان ڪن ڳالهين تي اختلاف ٿيڻ ڪري، لڏي اچي ٽنڊي محمد خان جي ڀر ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺو. ان کي ٽي پٽ ٿيا. هر هڪ رئيس صوڀو خان، رئيس گل محمد خان ۽ رئيس خير محمد خان، ڪجهه وقت اتي رهڻ بعد، ميرن جي صاحبيءَ ۾، هو اتان لڏي اچ سجاول جي ڳوٺ ۾ ويٺا، جتي چڱي زمين هٿ ڪيائون. رئيس گل محمد خان اتي ئي رهجي ويو، ليڪن رئيس صوڀو خان ۽ خير محمد خان اتان لڏي اچي شاهبندر تعلقي ۾ لاڏين جي ڀر ۾ پنهنجو ڳوٺ، صوڀي خان چانڊئي جي نالي، ٻڌي ويهي رهيا. رئيس صوڀي خان کي ٽي فرزند ٿيا: رئيس چاڪر خان، رئيس ڏتل خان ۽ رئيس امام بخش خان، صوڀي خان جي ڀاءُ خير محمد خان کي صرف هڪ نياڻي ٿي، جا سندس سؤٽ رئيس ڏتل خان کي پرڻائي ويئي. رئيس ڏتل خان کي چار فرزند ٿيا: رئيس صوڀو خان، رئيس محمد علي خان، رئيس خير محمد خان ۽ رئيس محمد حسن خان. رئيس ڏتل خان جي اولاد مان خانبهادر خير محمد خان ٽيون نمبر فرزند هو : ليڪن سندس والده رئيس خير محمد خان وڏي جي نياڻي هئي، جنهن ڪري کيس ناناڻي ملڪيت به ملي. پاڻ محنت ۽ سرجوشيءَ سان زمين سڌاريائين ۽ يورپين آفيسرن سان لاڳاپا رکي، طاقت وٺي ويو. ان وقت جا يورپين عملدار جنهن سان لاڳاپو رکندا هئا، ان کي ورسائي ڇڏيندا هئا ؛ جنهن ڪري سرڪاري زمين کيس سستي مالڪاڻي تي ملي ويئي. آهستي آهستي سيڪنڊ ڪلاس آنرري مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. اول ۾ کيس خان صاحبيءَ جو لقب مليو، پوءِ هو خانبهادر ٿيو. هي ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر، 1921ع کان 1937ع تائين هلندو آيو. ٻيءَ جنگ جي زماني ۾ ڪراچي ضلعي لاءِ کيس نيشنل وار فرنٽ جو ليڊر نامزد ڪيو ويو. تعليمي هاسٽلن، اسڪولن، اسپتالن وغيره جي خير جي ڪمن ۾ هن آفيسرن جي چوڻ تي ڪافي پئسو ڏنو. پر ميان ڀلڻ شاهه نورائيءَ واري سان سندس معتقداڻو ۽ دوستاڻو رستو هو. ڪو به ڪم، باهمي مشوري کانسواءِ نه ڪندا هئا، جيڪڏهن ڪن ماڻهن کي پير صاحب ۾ ڪم پوندو هو ته خانبهادر ذريعي کيس چوائيندا هئا. اهڙيءَ طرح، خانبهادر کي پير صاحب ذريعي ڪم لاءِ چوائڻ ضروري ليکيو ويندو هو. نواب غيبي خان ڏانهن، قومي سردار هئڻ ڪري، سندس گهڻي مراد هوندي هئي، جنهن لاڙ جي چانڊين جو، پنهنجي طرفان، خانبهادر کي چڱو مڙس ۽ نائب مقرر ڪيو ھو. خانبهادر 9 جولاءِ 1954ع تي وفات ڪئي. پنهنجي بنگلي واريءَ مسجد جي ڀر ۾ مدفون ٿيل آهي، کيس پنج فرزند آهن: رئيس محمد يوسف خان، رئيس خان محمد خان، رئيس حاجي الهڏنو خان، رئيس بچل خان ۽ رئيس باگو خان،. سندس پهريون نمبر فرزند ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺي، پوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ انگريزي پڙهي، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان سواءِ، وڃي زمينداري ڪم سان مشغول ٿيو. ڪيترا سال ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي ۽ ٺٽي جو ميمبر، پريزيڊنٽ ۽ لوڪل بورڊ اسڪول جو چيئرمين ٿي رهيو. سنڌ بمبئي کاتي کان علحده ٿيڻ بعد هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر چونڊجي آيو. پهرين شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ”آزاد سنڌ پارٽي ءَ“ جو ميمبر هو، پوءِ جدا جدا پارٽين جو ميمبر ٿي رهيو. سمورو وقت سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. ون يونٽ ٿيڻ بعد، مغربي پاڪستان اسيمبلي ءَ جو به ميمبر چونڊيو. هن وقت هو نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر آهي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري، چيف پارليامينٽري سيڪريٽر ۽ پيرزادي عبدالستار جي وزارت ۾ وزير به ٿي رهيو آهي. ڪجهه وقت نيشنل اسيمبليءَ ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري هو. کيس محمد موسيٰ نالي هڪ فرزند آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو