خيردالان
خيردالان(انگريزي: Xirdalan ) يا (انگريزي: Khirdalan) آذربائيجان جي صوبي ابشرون معاشي ريجن جي ضلعي يا ريئن ابشرون جو ضلعي صدر مقام آھي جنھن جي آبادي 95,200 آهي[1]. ھي شھر پھرين ھڪ ننڍڙي آبادي ھئي جنھن کي 29 نومبر 2006ع ۾ آذربائيجان جي نيشنل اسيمبلي پاران شھر جو درجو ڏنو ويو[2]. آذربائيجان جي بيئر جو سڀ کان وڏو ڪارخانو ھن شھر ۾ آھي. ان جي بيئر جو نالو پھرين خيردالان بيئر ھيو ھاڻي بالٽيڪا باڪو جي نالي سان تيار ٿئي ٿو[3]. 2007 ۾ ھن شھر ۾ مصر جي صدر حسني مبارڪ جو مجسمو لڳايو ويو هو[4]. سوويت آذربائيجان واري دؤر جو مشھور شاعر ۽ ناول نگار نبي حازري جو تعلق ھن شھر سان آهي.
خيردالان Xırdalan خيردالان | |
---|---|
جاگرافي بيهڪ: 40°26′55″N 49°45′23″E / 40.44861°N 49.75639°E | |
ملڪ | آذربائيجان |
ضلعو | ابشرون ريئن |
شھر جو قيام | 2006 |
پکيڙ | |
• ڪل | 47 ڪ.م2 (18 ميل2) |
بلندي | 50 ميل (160 ft) |
آبادي (2014) | |
• ڪل | 95,200 |
خارجي ڳنڍڻا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ http://pop-stat.mashke.org/azerbaijan-cities.htm
- ↑ Khirdalan settlement receives a city status
- ↑ Baltika-Baku آرڪائيو ڪيا ويا June 17, 2009, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Азербайджанская оппозиция ополчилась на памятник Мубараку близ Баку". "Лента.Ру".