خود اختياري (free will) مختلف ممڪن چونڊن جي وچ ۾ بغير ڏکيائيءَ جي فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت يا قابليت آھي.

خود اختياري اخلاقي ذميداري، تعريف، قصور ۽ ٻين فيصلن جي تصورن سان جيڪي رڳو پنھنجي مرضيءَ تي چونڊيل عملن تي لاڳو ٿين ٿا. گڏوگڏ خود اختياري مشوري، قائل ڪرڻ، غور ۽ فڪر ۽ منع ڪرڻ جي تصورن سان بہ لاڳو ٿين ٿا. روايتي طور تي خود اختياري جي تحت ڪيل عملن کي تعريف يا تنقيد جو مستحق سمجهيو ويندو آھي. ڇا خود اختياري وجود رکي ٿي، اھا ڇا آھي، ان جي ھجڻ يا نہ ھجڻ جا ڪھڙا اثر آھن، اھي سڀ سوال فلسفي جي ھلندڙ ڊگهن بحثن جو حصو آھن. ڪجهہ ماڻهو خود اختياري کي ٻاھرين اثرن يا خواھشن جي حدن مان نڪري ڪري پنھنجا ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو نالو ڏين ٿا.