خودڪلامي (سودائي پڻو)
سودائي پڻو يا خود ڪلامي (Soliloquy) سالي لاڪي جو سنڌيءَ ۾ ملندڙ جلندڙ مطلب ’خود ڪلامي‘ آهي يا ’سودائي پڻو‘ آهي. هي لفظ اصل ۾ لاطيني (Latin) ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ٻن لاطيني ٻوليءَ جي لفظن جو مرڪب آهي، يعني سولس (Solus) يا سالي (Soli) يعني اڪيلو ۽ (Loqui) يعني ڳالھائڻ. ساڳي معنيٰ جو لفظ ’مونو لاگ‘ موجود آهي. فرق صرف اهو آهي تہ Monologue ۾ هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ ذريعي ڪھاڻيءَ کي پڌرو ڪيو ويندو آهي، ان کي ’يڪ ڪلامي‘ بہ چئبو آهي. جڏهن تہ Soliloquy جي معنيٰ ’خود ڪلامي‘ آهي، جنهن ۾ ڪردار پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندو آهي. ائين ڪھاڻي پڌري ٿيندي آهي. سالي لوڪي جو نمونو ڊرامن ۽ شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. رابرٽ برائوننگ (1812-1889ع) جو نظم My Last Dutuchess ان جو بھترين مثال آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.