خميني شھر (انگريزي: Khomeyni Shahr) ايران جي صوبي اصفھان جو ھڪ شھر آھي جيڪو خميني شھر ڪائونٽيءَ جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. 2016ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آبادي 247,128 آھي[1]. ھن شھرکي 1930ع کان پھرين سدھ (Sedeh) ڪوٺيو ويندو ھو. 1930ع ۾ ھن کي ھمايون شھر نالو ڏنو ويو. 1979ع واري اسلامي انقلاب کان پوءِ ھن کي خميني شھر سڏيو وڃي ٿو. ھن شھر کي پراڻي زماني ۾ مھربين (Mehrbin) پڻ سڏيو ويندو ھو.

Khomeyni Shahr
خمينی شهر
مهربین
Mehrbin
شھر
Khomeyni Shahr is located in Iran
Khomeyni Shahr
Khomeyni Shahr
جاگرافي بيهڪ: 32°42′01″N 51°31′16″E / 32.70028°N 51.52111°E / 32.70028; 51.52111مڪانيت: 32°42′01″N 51°31′16″E / 32.70028°N 51.52111°E / 32.70028; 51.52111
ملڪ  ايران
صوبو اصفھان
شھرستان خميني شھر
ضلعو مرڪزي

جاگرافي سنواريو

شھر جي جاگرافيائي بيھڪ 32° 42′ 0″ اتر, 51° 31′ 16″ اوڀر آھي. ھي شھر اصفھان ميٽروپوليٽن واري علائقي جو حصو آھي. ھن شھر جي پکيڙ 175 چورس ڪلوميٽر آھي[2]. ھي شھر اصفھان جي اتر اولھ ۾ فقط 12 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آباد آھي. ھي شھر اصفھان جي ميٽروپوليٽن ايراضيءَ جو حصو آھي. بوارخر ۽ ميمہ شھر ھن جي اتر ۾، فلاورجان شھر ڏکڻ ۾ ۽ نجف آباد شھر اولھ ۾ آھي. شھر جي اولاھين ۽ اتر اولاھين حصي ۾ محمودآباد جبل ۽ سرچاھ جبل ڪر کنيو بيٺا آھن. ھنن جبلن جي اوچائي ترتيبوار 2473 ميٽر ۽ 2250 ميٽر آھي. ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ ميداني علائقو آھي. اتر ۾ سيد محمد ۽ پلارت جبل آھن. اھي جبل ھن شھر جي سونھن کي چارچنڊ لڳايو بيٺا آھن. شھر جي سامونڊي سطح کان اوچائي 1595 ميٽرن کان 1602 ميٽر آھي[3]. سراسري طور ھي اصفھان شھر کان 12 ميٽر اوچائيءَ تي آھي.

ھي اصفھان صوبي جو ھڪ خوشحال شھر آھي. ھتان جي زمين کي زاينده رود ( Zāyanderud) ندي سيراب ڪري ٿي جيڪا ھميشہ پاڻيءَ سان ڀريل ھوندي آھي. انھيءَ کان علاوھ ست آبي نالا (aqueduct)، 130 اونھا کوھ ۽ 60 گھٽ گھرائيءَ وارا کوھ شھر جي پاڻيءَ جون گھرجون پوريون ڪن ٿا. ھتان جا وڏا وڏا باغ شھر جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو ڪن ٿا.

طبعي طور شھر کي ٻن حصن ۾ ورھائي سگھجي ٿو: پراڻو شھر ۽ نئون شھر. شھر ۾ ڪيتريون ئي پراڻيون ۽ نيون عبارتون شھر جي سونھن ۾ نکار آڻين ٿيون[4].

تاريخ سنواريو

اڪثر ماھرن جو خيال آھي تہ ھن شھر جو پراڻو نالو سدھ فارسي ٻوليءَ جي لفظ سدز (Sedge) مان ورتو ويو آھي جنھن جي معنيٰ آھي قلعو. چيو وڃي ٿو تہ موجودھ شھر واري ھنڌ ٽي قلعا موجود ھئا جن جي چوڌاري وسنديون قائم ٿي ويون ۽ انھن وسندين پاڻ ۾ ملي موجودھ شھر جو بنياد وڌو. روايت آھي تہ سھ دز (Seh-dedge) ساساني دور جي ھڪ فوجي ڇانوڻي ھئي ۽ انھيءَ ڇانوڻيءَ ويجھو مٿي جبل جي چوٽيءَ تي زرتشت مذھب وارن جو ھڪ باھ جي پوڄا جو مندر ھو[5]. سھ دز ۽ آسپاس وارين وسندين کي ملائي ماربين يا مھربين سڏيو ويندو آھي. اھوئي سبب آھي جو ھن شھر کي ماربين يا مھربين پڻ سڏيو ويندو ھو[4].

جيئن تہ ھي شھر اصفھان کي ڪافي ويجھو آھي انڪري ھن شھر جا تاريخي واقعا اصفھان شھر جي واقعن کان مختلف ناھن. ھن شھر کان اصفھان شھر ويندڙ رستي تي ساساني دور جو ھڪ قلعو آھي جيڪو شايد ساسانين جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ھتان جا رھواسي ولاتي (Velati) ٻولي ڳالھائيندا ھئا جيڪا ساساني ٻوليءَ سان مشابھت رکي ٿي[6]. ھتي اسلامي دور جي ھڪ وڏي مسجد بہ موجود آھي. مسجد جي سائز ڏسي چئي سگھجي ٿو تہ ان زماني ۾ بہ ھتي ھڪ چڱو موچارو شھر آباد ھو ڇاڪاڻ جو ڪنھن ڳوٺ ۾ ايڏي وڏي مسجد جو ھجڻ تقريبن ناممڪن آھي. جڏھن محمود افغان ھن علائقي تي حملو ڪيو تہ ھتان جي بھادر سپاھين نہ فقط شھر جي ڪامبابيءَ سان حفاظت ڪئي بلڪ دشمن جي ڪيترن ئي سپاھين کي گرفتار بہ ڪيو ھو.  

زراعت سنواريو

ھاڻوڪن سالن ۾ خميني شھر ناسپتين جي پيداوار ۾ صوبي ۽ ملڪ جو ھڪ وڏو مرڪز بنجي ويو آھي. ھتي ناسپتيءَ جون مختلف جنسون پوکيون وڃن ٿيون. زاينده رود ( Zāyanderud) ندي جي ڪنارن واري زمين پوکيءَ لاءِ انتھائي موزون آھي جنھن ۾ بصر، پٽاتا، ڪڻڪ، جو، ڪڪڙي، گدرا، تماڪ، انگور، چيري ۽ ٻيا فصل پوکيا وڃن ٿا.

اعليٰ تعليم سنواريو

ھن شھر ۾ ھيٺيون يونيورسٽيون قائم آھن:

  • اسلامي آزاد يونيورسٽي
  • اصفھان يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي
  • پيام نور يونيورسٽي آف اصفھان

حوالا سنواريو

  1. "Statistical Center of Iran > Home". www.amar.org.ir. حاصل ڪيل 2022-01-16. 
  2. جغرافیای استان اصفهان، نشر کتاب‌های درسی:1379
  3. "خميني شهر, مقاطعة خميني شهر, أصفهان, إيران - المدن والقرى في العالم". ar.db-city.com (ٻولي ۾ Arabic). حاصل ڪيل 2022-01-16. 
  4. 4.0 4.1 اطلس گیتاشناسی استان‌های ایران، تهران: 1383خ.
  5. فروشانی,رسول صرامی; دیار کهن خمینی شهر (سده), پویش اندیشه, 1384, شابک: 964-8611-47-5
  6. "زبان "وِلاتی"، گویشی در حال فراموشی". ایسنا (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-01-16.