اصفھان صوبو
اصفھان (انگريزي: Isfahan) ايران جو ھڪ صوبو آھي. ھي آباديءَ جي لحاظ کان ايران جو ڇھون نمبر ۽ پکيڙ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو صوبو آھي[2]. اصفھان، ڪاشان، نجف آباد ۽ خميني شھر ھن صوبي جا مکيہ شھر آھن. ھن صوبي جي پکيڙ 107.018 چورس ڪلوميٽر آھي. ھن جي اوڀر ۾ يزد ۽ ڏکڻ خراسان صوبا، اتر ۾ سمنان، قم ۽ مرڪزي صوبو، اولھ ۾ لرستان ۽ چھارمحل ۽ بختياري صوبا، ۽ ڏکڻ ۾ ڪھگيلويہ، بوير احمد ۽ فارس صوبا موجود آھن. ھن صوبي جو اوڀر ۽ اتر وارو علائقو ريگستاني آھي جڏھن تہ اولھ ۽ ڏکڻ ۾ زاگروس جبلن جون قطارون اٿس. اصفھان صوبو ايران ۾ لوھ ۽ اسٽيل جي پيداوار ۽ ھٿ جي ھنرن جو مرڪز آھي.
Isfahan Province اصفھان صوبو | |
---|---|
صوبو | |
ايران ۾ اصفھان جي بيھڪ | |
جاگرافي بيهڪ: 32°39′28″N 51°40′09″E / 32.6577°N 51.6692°E | |
ملڪ | ايران |
علائقو | ريجن 2 |
گاديءَ جو ھنڌ | اصفھان |
ڪائونٽيز | 24 |
حڪومت | |
• گورنر جنرل | رضا مرتضوي |
پکيڙ | |
• ڪل | 107,018 ڪ.م2 (41,320 ميل2) |
آبادي (2016) | |
• ڪل | 5,120,850 |
• ڪاٿو
2020 |
5,343,000 |
2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن صوبي جي آبادي 5,120,850 ماڻھن تي مشتمل آھي جن مان اٽڪل 88 سيڪڙو ماڻھو شھرن ۾ ۽ باقي 12 سيڪڙو ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ رھن ٿا. صوبي جي موسم عام طور وچٿري ۽ خشڪ آھي. شاھانڪوھ (Shahankuh) صوبي جو سڀ کان اوچو جبل آھي جنھن جي اوچائي 4040 ميٽر آھي. ھي جبل اصفھان صوبي جي اولاھين حصي ۾ فريدون شھر کان ويھ ڪلوميٽر ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي.
اصفھان صوبي ۾ 52 نديون وھن ٿيون. انھن مان زاينده رود ( Zāyanderud) ندي سڀ کان ڊگھي ندي آھي جنھن جي ڊيگھ 405 ڪلوميٽر آھي[3].
تاريخ ۽ ثقافت
سنواريوتاريخي مسودن ۾ ھن صوبي جو نالو اصپھان (Espahan)، سپاھان (Sepahan) ۽ اسفھان (Isfahan) لکيو ويو آھي. ھن صوبي ۾ ڪيترائي ڪوٽ، قلعا ۽ فوجي ڇانوڻيون قائم ھيون. ابيانہ ( Abyaneh) ھن صوبي جو ھڪ تاريخي ڳوٺ آھي جنھن ۾ ساساني دور جا کنڊر ۽ زرتشت مذھب جا باھ جا مندر اڄ بہ ڏسي سگھجن ٿا. سترھين ۽ ارڙھين صديءَ ۾ صفوي گھراڻي جي باشاھن اصفھان شھر کي پنھنجي گاديءَ جو ھنڏ بنايو انڪري ھي صوبو ايران جي خوشحال علائقن ۾ شمار ٿيندو ھو. ان زماني ۾ ڪاشان شھر بہ ڪافي مشھور ۽ خوشحال شھر ھو جتي بادشاھ ۽ شھزادا پنھنجون موڪلون ملھائڻ ايندا ھئا.
ھن صوبي ۾ ڪيترن ئي نسلن جا ماڻھو آباد آھن. ھتان جا اڪثر ماڻھو فارسي ڳالھائين ٿا پر بختياري لُر، جارجيائي، آرمينيائي ۽ ڪشڪائي ترڪ بہ ھتان جي رھواسين ۾ شامل آھن. ھن صوبي جي سرزمين ڪيترائي شاعر، اديب، مفڪر، سائنسدان، مفتي ۽ عالم پيدا ڪيا آھن.
قدرتي وسيلا ۽ ماحول
سنواريواصفھان صوبي جو ٽيون حصو ريگستان آھي. سڄي ايران جو 10 سيڪڙو ريگستاني علائقو ھن صوبي ۾ آھي. ريگستاني علائقي ۾ جيڪي شھر وسيل آھن تن ۾ شھرضا، نايين، نجف آباد، اردستان، نطنز، آران و بيدگل، ڪاشان، خميني شھر ۽ اصفھان شامل آھن. ھن صوبي جي جابلو علائقي ۾ جيڪي شھر آباد آھن تن ۾ گلپايگان، خوانسار، فريدن، فريدون شھر، ديھگان، چاديگان، تيران و ڪرون ، بوئن ۽ مياندشت خاص ذڪر جي لائق آھن.
صوبي جي 412 ھزارھيڪٽر ايراضي ٻيلن ۽ جھنگلن تي مشتمل آھي. اٽڪل 976000 ھيڪٽر زمين ماحولياتي تحفظ واري اداري جي ھٿ ھيٺ آھي جنھن ۾ ٻہ نيشنل پارڪ، چار جھنگلي جيوت جا محفوظ علائقا ۽ چار ٻيا محفوظ علائقا شامل آھن. صوبي جي 12 علائقن ۾ شڪار تي پابندي عائد آھي. ان کان علاوھ ھن صوبي ۾ ھڪ بين الاقوامي ويٽ لينڊ پڻ موجود آھي جنھن جي پکيڙ 63000 ھيڪٽر آھي[2]. ھن صوبي ۾ قسمين قسمين گل، ٻوٽا، وڻ ۽ جانور ملن ٿا. ماھرن جي چوڻ مطابق ھتي اٽڪل 2000 قسمن جا گل، ٻوٽا ۽ وڻ موجود آھن. ھن صوبي ۾ 63 قسمن جا کير ڌارائيندڙ جانور، 296 قسمن جا پکي، 40 قسمن جا ريڙھيون پائيندڙ جانور، 8 قسمن جا بنا ڪرنگھي وارا جانور ۽ 41 قسمن جي مڇي ملي ٿي.
ايران ۾ سرن ٺاھڻ جي بٺن جو ڪل تعداد 1700 جي لڳڀڳ آھي جن مان 457 بٺا اصفھان صوبي ۾ آھن. انھن بٺن مان نڪرندڙ دونھون ڪجهه علائقن ۾ ماحولياتي گدلاڻ ڦھلائڻ جو سبب بنجي رھيو آھي.
2018ع ۾ ھن صوبي ۾ اٽڪل 568 ھزار ھيڪٽر زرعي زمين ۽ 6 ملين لائيواسٽاڪ يونٽ ھئا. صوبي جي ڪل زرعي اپت 7.5 ملين ٽن ھئي جيڪا ملڪ جي ڪل زرعي پيداوار جو 5 سيڪڙو آھي[4].
جاگرافي
سنواريواصفھان صوبو زاگروس جبلن جي سلسلي کان شروع ٿي ريگستان ۾ ختم ٿئي ٿو. صوبي جي ڪل پکيڙ اٽڪل 107،018 چورس ڪلوميٽر آھي. ھن صوبي جي سرزمين جو ڪجهه حصو جابلو ۽ ڪجهه ميداني علائقو آھي ۽ ھن جي سامونڊي مٿاڇري کان سراسري اوچائي 1600 ميٽر آھي[5]. آبھوا ء۽ زميني ماحول جي لحاظ کان ھن صوبي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورھائي سگھجي ٿو:
- اولھ ۽ ڏکڻ واريون نيم گھميل ۽ ٿڌيون ماٿريون جن ۾ گلپایگان, خوانسار، فريدن، فريدون شھر ۽ سميرم وارا علائقا شامل آھن.
- مرڪزي ريگاستان جي ڀر وارا علائقا جن ۾ نائين، اردستان ۽ ڪاسان وارا علائقا شامل آھن. ان کان علاوہ انارڪ، ڪور ۽ جندَق ڳوٺ بہ ھن ڀاڱي ۾ شامل آھن.
- زاينده رود نديءَ جي ڪناري وارا علائقا جن ۾ تيران و ڪرون، نجف آباد، لنجان، مبارڪہ، فلاورجان، خميني شھر، اصفھان ۽ ٻيا ڪجهه علائقا شامل آھن.
ثقافتي ورثو
سنواريو2021ع جي انگن اکرن مطابق يونيسڪو جي عالمي ورثي ۾ ايران جا 26 ماڳ شامل آھن جن مان ھيٺيان پنج اصفھان ۾ آھن[6]:
- نقش جھان اسڪوائر
- فارسي باغ
- اصفھان جي جامع مسجد
- فارسي قنات
- چھل ستون محل
2015ع جي انگن اکرن مطابق ھتي 1731 تاريخي يادگار، 24 عجائب گھر ۽ 548 جھوني جُڳَ جا ماڳ موجود آھن[4].
اصفھان صوبي جا شھر
سنواريوھيٺينءَ جدول ۾ اصفھان صوبي جي آباديءَ جي لحاظ کان 46 وڏن شھرن جي فھرست ڏجي ٿي. ھن جدول ۾ فقط اھي شھر شامل ڪيا ويا آھن جن جي آبادي گھٽ ۾ گھٽ 10000 آھي.
درجو
(2016) |
شھر جو نالو | لحاظ | 1996 | 2006 | 2011 | 2016 |
---|---|---|---|---|---|---|
1 | اصفھان | اصفھان | 1,327,283 | 1,689,392 | 1,853,293 | 1,961,260 |
2 | ڪاشان | ڪاسان | 201,372 | 253,509 | 275,325 | 304,487 |
3 | نجف آباد | نجف آباد | 178,498 | 208,647 | 221,814 | 293,275 |
4 | خميني شھر | خميني شھر | 165,888 | 223,071 | 244,696 | 247,128 |
5 | شاھين شھر | شاھين شھر ۽ ميمہ | 84,827 | 127,412 | 143,308 | 173,329 |
6 | شھرضا | شھرضا | 89,779 | 109,601 | 123,767 | 134,952 |
7 | فولاد شھر | لنجان | 39,264 | 55,664 | 66,903 | 88,426 |
8 | بھارستان | اصفھان | ... | 45,629 | 61,647 | 79,023 |
9 | مبارڪہ | مبارڪہ | 46,428 | 62,728 | 66,092 | 69,449 |
10 | آران و بيد گل | آران و بيد گل | ... | 55,833 | 60,290 | 65,404 |
11 | گلپايھان | گلپايگان | 40,634 | 48,987 | 54,572 | 58,936 |
12 | زرين شھر | لنجان | 50,837 | 56,375 | 60,118 | 55,817 |
13 | سرچہ پياز | خميني شھر | 33,356 | 43,200 | 44,689 | 47,800 |
14 | دولت آباد | برخوار | 26,845 | 33,961 | 37,098 | 40,945 |
15 | فلاورجان | فلاورجان | 36,520 | 38,224 | 38,310 | 37,704 |
16 | قھدريجان | فلاور جان | 27,109 | 30,016 | 31,679 | 34,226 |
17 | خورزوق | برخوار | 17,921 | 20,311 | 22,321 | 29,154 |
18 | نايين | نايين | 20,826 | 25,516 | 25,379 | 27,379 |
19 | سميرم | سميرم | 24,504 | 26,795 | 25,122 | 26,942 |
20 | ڪليشاد و سودرجان | فلاور جان | 20,006 | 23,215 | 24,355 | 25,635 |
21 | گلدشت | نجف آباد | 19,287 | 23,056 | 23,192 | 25,235 |
22 | گز | شاھين شھر ۽ ميمہ | 18,185 | 20,493 | 21,991 | 24,433 |
23 | ابريشم | فلاورجان | ... | 19,406 | 21,794 | 22,429 |
24 | خوانسار | خوانسار | 21,966 | 21,313 | 21,338 | 21,883 |
25 | تيران | تيان و ڪرون | 13,511 | 15,744 | 19,421 | 21,703 |
26 | داران | فريدن | 17,033 | 19,583 | 19,645 | 20,078 |
27 | سدھ لنجان | لنجان | 15,659 | 17,372 | 18,654 | 19,101 |
28 | ديزيچہ | مبارڪہ | 9,579 | 17,966 | 18,750 | 18,935 |
29 | ورنامخواست | لنجان | 14,893 | 15,301 | 17,384 | 18,700 |
30 | دھاقان | دھاقان | 17,170 | 16,934 | 17,108 | 17,945 |
31 | دشتگرد | برخوار | 14,021 | 15,524 | 16,848 | 17,775 |
32 | اردستان | اردستان | 13,893 | 15,284 | 15,701 | 15,744 |
33 | چمگردان | لنجان | 13,679 | 16,101 | 16,219 | 15,574 |
34 | بادرود | نطنز | 15,995 | 14,415 | 13,120 | 14,723 |
35 | ايمانشھر | فلاورجان | ... | 13,554 | 14,267 | 14,633 |
36 | نطنز | نطنز | 10,782 | 12,509 | 12,281 | 14,122 |
37 | چرمھين | لنجان | 11,335 | 12,304 | 13,568 | 13,732 |
38 | فريدون شھر | فريدون شھر | 13,592 | 13,821 | 14,007 | 13,603 |
39 | پير بڪران | فلاورجان | 5,464 | 10,856 | 12,192 | 13,469 |
40 | ڪوشڪ | خميني شھر | 10,299 | 11,271 | 12,029 | 13,248 |
41 | ورزنہ | اصفھان | 9,946 | 11,520 | 11,924 | 12,714 |
42 | نوش آباد | آران و بيدگل | ... | 10,485 | 10,904 | 11,838 |
43 | بھاران شھر | فلاورجان | ... | 10,325 | 11,132 | 11,284 |
44 | ڪھريز سنگ | نجف آباد | ... | 8,267 | 9,264 | 10,442 |
45 | باغبادران | لنجان | 8,043 | 8,812 | 9,598 | 10,279 |
46 | زيبا شھر | مبارڪہ | ... | 9,097 | 9,668 | 10,200 |
حوالا
سنواريو- ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. وقت 2018-09-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-09-13. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 2.0 2.1 ”اسناد راهبردی برنامهٔ ششم توسعهٔ استان اصفهان (1400-1396) -جلد سوم: حوزههای فرابخشی. اصفهان: سازمان مدیریت و برنامهریزی استان اصفهان“.( فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل). ويب سائيٽ: https://www.mpo-es.ir/dorsapax/Data/Sub_4/File/Esfahan_B6_J3.pdf آرڪائيو ڪيا ويا 2021-06-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ ISFAHAN i. GEOGRAPHY، ِEncylopedia Iranica, Online Edition. Retrieved on Juanuary 14, 2022.
- ↑ 4.0 4.1 گزارش عملکرد بخش کشاورزی در استان اصفهان، سازمان مدیریت و برنامهریزی استان اصفهان. ص. 5 و 11. ويب سائيٽ: https://www.mpo-es.ir/dorsapax/Data/Sub_9/File/%DA%AF%D8%B2%D8%A7%D8%B1%D8%B4%20%D9%83%D8%B4%D8%A7%D9%88%D8%B1%D8%B2%D9%8A%20%D9%85%D9%86%D8%B7%D9%82%D9%87%20%DA%86%D9%87%D8%A7%D8%B128%D9%807%D9%8098.pdf آرڪائيو ڪيا ويا 2021-06-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Foundation, Encyclopaedia Iranica. "Welcome to Encyclopaedia Iranica". iranicaonline.org. حاصل ڪيل 2022-02-21.
- ↑ "All UNESCO Sites in Isfahan". Isfahan Tourist Information. حاصل ڪيل 2022-01-14.