وسپت
خميس (انگريزي ٻولي: Thursday) جمعي کان پهرين ۽ اربع کان پوءِ وارو ڏينهن آهي.
هي هفتي هفتي جي ستن ڏينهن مان هفتي جو پنجون ڏينهن آهي. [1]
لفظ خميس
سنواريوخميس = هن ڏينهن جو نالو عربي زبان جي لفظ خمس مان ورتو ويو آهي. سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ماڻهن خمس پڻ چوندا آهن. هن جو مطلب پنج آهي. ان ڪري جو علم نجوم ۾ هي پنجون ڏينهن آهي.
سنڌي ماڻهو خمسيو نالو پڻ رکندا آهن .
عربن کان پهرين هن ڏينهن کي وسپت چيو ويندو هو.
وسپت کان خميس
سنواريوعربن کان پهريان خميس جنهن کي وِسپت چوندا هئا. ان لفظ جو بنياد ورسپتي / برہسپتي ديوتا جي نالي مان ورتو ويو آهي. هن ڏينهن جو گرھ مشتري آهي.
ورسپتي / برہسپتي ديوتا
سنواريوهي ديوتا، هندن وٽ سڀني ديوتائن جي گرو (استاد ) طور مڃو وڃي ٿو. ان نسبت هندي ۾ هن ڏينهن کي گُرو وار چوندا آهن.
جامع سنڌي لغت مطابق؛
سنواريووِسپَتِ
ث . هفتي جي ڏينهن جو نالو، خميس.
انگريزي Thursday
سنواريوThursday هن ڏينهن جو نالو سيڪسنس (انگريزي ٻولي جو اولائي روپ) ماڻهن جي ديوتا Thor جي نالي مان ورتل آهي، جيڪو طوفان، کنوڻ، طاقت ۽ انسان ذات جي حفاظت جو ديوتا ان جي نالي سان منسوب آهي. هن جي هٿ ۾ هڪ هٿوڙو هوندو آهي. اڄ ڪلھ هن جي نالي سائينس فڪشن فلمون پڻ ٺهيون آهن.
گيلري
سنواريو-
ورسپتي / برہسپتي ديوتا
-
ورسپتي ڪنول جي گل سان
-
Thor (ٿور سيڪسنس ديوتا)
-
ٿور بلائن سان وڙهندي
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |