خميري اٽو (عربي: عجين، فارسي: خمير ترش، هندي/اردو وغيره: ماوا، ممير ۽ رسميقو) قسم جو کٽو اٽو آهي، جنھن کي زيتون جي تيل يا کٽي جهڻ ۾ ٿوري وقت لاءِ وجهي رکجي تہ ترش ٿي ويندو.

طب سنواريو

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: سيني کي، ميل: ڪتيرو، عيوض: ___-، وزن: هڪ پاءُ

خاصيت: انهيءَ مان ماني پچائي کارائڻ سان غليظ وائي بادي تحليل ٿيندي، ڏندن جي سور ۽ معدي جي تقويت لاءِ مفيد آهي. انهيءَ اٽي ۾ وڌيڪ شيون ڦودنو يا طباشير يا زعفران وجهي پچائي تہ اها ماني ٽيئڙ تپ، سيني جي سور ۽ ماني هضم ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.