خلائي ٽيڪنالاجي
خلائي ٽيڪنالاجي (Space Technology) ٻاهرين خلا ۾ استعمال لاءِ ٽيڪنالاجي آهي. خلائي ٽيڪنالاجي ۾ خلائي گاڏيون، جهڙوڪ خلائي جهاز، سيٽيلائٽ، خلائي اسٽيشن ۽ مداري لانچ گاڏيون شامل آهن. ڊگهي خلائي مواصلات، خلا م جهازن کي هلائڻ ۽ ٻين ٽيڪنالاجي جو هڪ وسيع قسم؛ بشمول سپورٽ انفراسٽرڪچر، سامان ۽ طريقا؛ زميني استعمال لاءِ ڪيتريون ئي عام روزاني خدمتون؛ جيئن ته موسم جي اڳڪٿي ڪرڻ، ريموٽ سينسنگ، سيٽلائيٽ نيويگيشن جو نظام (GPS)، سيٽلائيٽ ٽيليويزن ۽ ڪجھ ڊگھي فاصلي واري مواصلاتي نظامن لاء انسان نازڪ طور تي خلائي ٽيڪنالاجي جي انفراسٽرڪچر جي مرهون منت آهن ۽ ان تي ڀاڙين ٿا. سائنس جا شعبا، فلڪيات ۽ ڌرتي سائنس، خلائي ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺن ٿا. خلا سان لاڳاپيل ڪوششن سان پيدا ٿيندڙ يا تيز ٿيندڙ نئون ٽيڪنالاجيون گهڻو ڪري بعد ۾ ٻين معاشي سرگرمين ۾ استعمال ٿينديون آهن.