سھراب فقير
معلومات شخصيت
ڄم سال 1934   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
خيرپور   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت 23 آڪٽوبر 2009 (74–75 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي

سنڌ جو معروف صوفي گلوڪار. سندن پورو نالو فقير سھراب منڱهار ھو. ھو 1934ع ميں خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيا. پاڻ اٺن ورھن جي عمر کان صوفين جو ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو ھئائون ۽ سڄي زندگي اھو ئي ڪم ڪيو جيڪو سندس پيٽ گذر تہ ھيو ئي پر محبوب مشغلہ بہ ھو. ھي فن کين ورثي ۾ مليو. سندن جو والد ھمل فقير پڻ پنھنجي وقت جو وڏو گائڪ ھيو ۽ ٺري مير واھ ۾ مدفون بزرگ شاعر خوش خير محمد ھيسباڻي جو مريد ھو. ڪجهه پٽ کي ھن تربيت ڏني تہ ڪجهه پٽ جو شوق جنھن سھراب خاصخيليءَ کي سھراب فقير بڻائي ڇڏيو. سائين سچل سرمست جو ڪلام خصوصاً گڏ ڳائڻ جو ملڪو حاصل ڪيو. ٻاھرين ملڪن ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيائون ۽ برطانيہ ، ڀارت، ناروي، سعودي عرب ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي ڪري پاڻ ٻڌندڙن کان داد وصول ڪيائون. ھو سائين سچل کان علاوه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سلطان باھو، سائين بلي شاھ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام بہ ڳايائون. 23 آڪٽوبر 2009ع تي ڪراچي جي ھڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويا.

  1. https://web.archive.org/web/20110607035640/http://www.dailytimes.com.pk/default.asp?page=2009%5C10%5C24%5Cstory_24-10-2009_pg12_6 — سے آرکائیو اصل