ترڪمانستان

مرڪزي ايشيا ۾ جمھوريہ

ترڪمانستان (Turkmensistan) جو سرڪاري نالو جمهوريہ ترڪمانستان (Republic of Turkmenistan) ۽ پراڻو نالو ترڪمانيا آهي. ترڪمانستان جي لفظي معنيٰ آهي: ”ترڪمان ماڻھن جو ديس“.[1]

ترڪمانستان جو جھنڊو

جاگرافي سنواريو

هي ملڪ وچ ايشيا ۾ آهي. هن جي اتر ۾ افغانستان ۽ ايران، اولھ ۾ ڪيسپئن (Caspian) سمنڊ آهي. هن ملڪ جو وڏو علائقو ميداني آهي، جيڪو ڪراڪرم رڻ ۽ آباد جهڳٽن تي ٻڌل آهي.[1]

ترڪمانستان جي ڪل پکيڙ 488100 چورس ڪلوميٽر (188400 چورس ميل) ۽ آبادي 44 لک 36 هزار آهي. گاديءَ جو هنڌ اشڪ آباد (Ashkhabad) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ جبل Ayrybaba (بلندي: 3137 ميٽر) آهي. هتان جي سرڪاري ٻولي ترڪماني (روسي) آهي ۽ موسم ايشيا جھڙي آهي، اهو وچ ايشيا جي گرم ترين ملڪن مان هڪ آهي. موسم بيحد خشڪ ۽ برساتون گهٽ پونديون آهن. ترڪمانستان جي مکيہ زرعي پيداوار ڪپھ، ڪڻڪ، ميوا، ڀاڄيون، چڻا، گدرا، هنداڻا، انگور، صوف ۽ نارنگيون آهن ۽ مکيہ صنعتن ۾ ڀاڻ، ريشمي ۽ اوني ڪپڙو، چمڙو ۽ ان جون شيون آهن. ترڪمانستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 27 آڪٽوبر 1991ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 2 مارچ 1992ع کان آهي.[1]

حوالا سنواريو