اهرام جن کي انگريزيءَ ۾ پئرامِڊس (Pyramids) انهن جي ٽن يا وڌيڪ پاسن واري ذري گهٽ نهري اڏاوت، جنهن جا ٽڪنڊا پاسا، زمين کان چوٽيءَ تائين مٿي سوڙها هجن، ته اهڙي اڏاوت کي Pyramid يا اهرام چيو وڃي ٿو. ان قسم جون قديم اڏاوتون مصر جي بادشاهن جي مدفن مٿان پٿر جي وڏن بلاڪن سان ٺاهيون ويون آهن. وڏن اهرامن جي ڀر ۾ ڪي ننڍا اهرام به آهن، جيڪي بادشاهن جي واسطيدار اميرن جي مزارن مٿان ٺهيل آهن.

گيزا وارا اهرام

پهريان اهرام سنواريو

سڀ کان قديم مصر جو پوڙيالو (Stepped) اهرام آهي. هي مصر جي گيزا (Gizeh) واري سڀ کان وڏي اهرام، کان صرف اڌ صدي اڳ جو آهي. گيزا وارو وڏو اهرام 2800 ق. م ڌاري يا ڪجهه پوءِ بادشاهه Khufu (خوفو) جي مرقد تي ٺهيل آهي، جيڪو Snefru جو پٽ هو. هن بابت ڪن ڪتابن ۾ 2664 ق. م کان پوءِ جو وقت ٻڌايو ويو آهي. خوفو کي يوناني ٻوليءَ ۾ Cheops سڏين ٿا. هي اهرام تيرهن ايڪڙن تي پکڙيل 2300,000 اهڙن پٿرن جي بلاڪن مان ٺهيل آهي، جن مان هر هڪ جو وزن اٽڪل اڍائي ٽنن جي برابر آهي. ڪاٿو آهي ته اٽڪل هڪ لک ماڻهن کي هن عمارت جوڙڻ ۾ ويهه سال لڳا هوندا. هن چؤڪور اڏاوت جي پيڙهه وٽ هر پاسو 756فوٽ ڊگهو آهي. هن جي اوچائي 450 فوٽ وڃي بيهي ٿي. سمجهيو وڃي ٿو ته هي اٽڪل 500 فوٽ اوچو هو. هي مصر جي اهرامن ۾ سڀني کان وڏو آهي. ڪوفو جي اهرام کي پهريون وڏو باترتيب اهرام سمجهيو وڃي ٿو.

ٻين ملڪن ۾ سنواريو

انهن اهرامن جي صورت سان مماثلت رکندڙ ٻيا به ڪيترا اهرام نه رڳو مصر، پر پاسي وارن ملڪن سوڊان، يونان انڊونيشيا وغيره ۾ تعمير ٿيا، پر پوئين دؤرن ۾ فرانس، آمريڪا، هندستان وغيره ۾ هنن اهرامن سان مماثلت رکندڙ اهرام ٺاهيا ويا آهن. هڪ لکت موجب مصر ۾ 138 ۽ سوڊان ۾ 220 جي قريب ننڍا وڏا اهرام هئا، پر 1980ع واري ڏهاڪي جي انگن اکرن موجب ان وقت تائين 80 کن پراڻا اهرام وڃي بچيا هئا، جيڪي سڀ نيل درياهه جي اولهه پاسي ريگستان ۾ هئا. بهرحال مصر جي اهرامن کي دنيا جي ستن قديم عجائبات ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هڪ اهم اهرام جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو آهي، ميڪسيڪو جو Chelula وارو اهرام، جيڪو دنيا ۾ مقدار جي لحاظ هن وقت تائين وڏي ۾ وڏي اڏاوت سمجهي وڃي ٿي، جيڪا پنجيتاليهن ايڪڙن تي پکڙيل آهي. پر ان جي اوچائي فقط 177 فوٽ آهي. 1519ع ۾ ڪورٽيس جي اڳواڻيءَ ۾ جڏهين ميڪسيڪو ۾ قدم رکيو، تڏهن به هن اهرامي عمارت جي چوٽيءَ تي هڪ Temple/عبادتگاهه موجود هئي، جيڪا هنن ڊاهي ڇڏي ۽ پوءِ ان هنڌ تي Holy Virgin جي نالي جو Chapel تعمير ڪرايو ويو.

امريڪي اهرام سنواريو

جيتوڻيڪ ماپ ۾ آمريڪا جا اهرامي يادگار مصر وارن اهرامن جي مقابلي جا آهن، پر اهي جاميٽري ڊزائين جي خيال کان ڪمزور۽ پوڙيالا آهن ۽ اهي مدفن تي نه پر عبادتگاهن لاءِ آهن. هڪ گمان آهي ته مصر وارن اهو خيال عراق وارن جي قديم عبادتگاهه Ziggurat/ Zikkurat تان ورتو، جيڪي اهرامن کان اڳ جون آهن ۽ انهن جي شڪل ذري گهٽ ساڳي آهي. زگورت ڪچين سِرن جا ٺهيل هئا ۽ مٿن رنگ ڪيل هوندو هو، مٿي چڙهڻ لاءِ چاڙهيون به ٺهيل هيون ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اهي ستن طبقن ۾ اڏيل هئا ۽ انهن جي مٿان عبادتگاهه (Temple) جي کليل عمارت ٺهيل هئي. هڪ لکت موجب يونان جا اهرام 2000 ق. م جا ٿي سگهن ٿا. انهن مان ٻه مشهور Helleniko ۽ Lingourio جا اهرام آهن. نئين دؤر ۾ به ڪيترن هنڌن تي اهرامي شڪل جون اڏاوتون ٺهيون آهن ۽ ٺهن پيون.[1]

حوالو سنواريو

حوالا سنواريو