عربي-سنڌي صورتخطي: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نظاماڻي (بحث | ڀاڱيداريون) |
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) ←تواريخ: اضافو ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار |
||
سِٽَ 2:
==تواريخ==
1852ع ۾ هندوستان جي برطانوي سرڪار صورتخطي مقرر ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن جا ڏھ ميمبر هئا، جن ۾ چار هندو ۽ چار مسلمان ۽ ٻہ انگريز هئا. گهڻي بحث ۽ مباحثي کانپوءِ سنڌي زبان جي لاءِ ”عربي سنڌي“ صورتخطي مقرر ٿي ۽ ”سر بارٽل فريئر“ ڪمشنر سنڌ جي سفارش تي، [[ايسٽ انڊيا ڪمپني]]ءَ فيصلو ڪيو تہ سنڌي لکڻ لاءِ ”عربي-سنڌي“ رسم الخط اختيار ڪئي وڃي.محمود غزنويءَ جي زماني جي مشهور عالم علامه ابو ريحان البيرونيءَ، جو 410 کان 420هه تائين هندستان ۾ رهيو، لکيو آهي:
”حدود مالوه ۾ هڪ رسم الخط آهي، جنهن جو نالو ’ناگر‘ آهي. هيءُ فقط صورت ۾ پهرئين خط کان مختلف آهي. ان کان پوءِ هڪ ٻيو خط آهي، جنهن جو نالو ’اردناگري‘، يعني ’اڌ ناگري‘ آهي؛ ڇاڪاڻ جو ان ۾ مذڪور ٻئي خط مخلوط آهن. ڀاٽيه ۽ سنڌ جي ڪن شهرن ۾ اهو خط لکيو ويندو آهي. ان کان پوءِ،مروج خطن ۾ هڪ خط ’ملقاري‘ آهي. هي جنوبي سنڌ جي ساحلي علائقي، ملقشو جو خط آهي. بهمنو، يعني منصوره جو خط ’سيندپ‘ آهي“<ref>ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع</ref>
==اکر==
|