افلاطون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 12:
افلاطون جي ”نظريه اعيان“ موجب هيءَ دنيا ٻيءَ اصلي دنيا جو نقل يا نظير آهي. هر شيءِ جو عين مطابق عالم بالا يا عالم مثال ۾ موجود آهي، جيڪو غير متبادل ۽ لافاني آهي. هن دنيا ۾ انهن شين جا صرف عڪس يا اولڙا آهن. -ان- جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته اسان جيڪا ڪاٺ جي ميز ڏسون ٿا، -ان- ۾ هڪڙي ته اها ڪاٺ واري ٺهيل ميز آهي، پر -ان- جي پٺيان ميز جو هڪ اهڙو آفاقي تصور (universal idea) آهي، جنهن سان اها ڪاٺيءَ واري ميز مطابقت رکي ٿي. هن جو چوڻ آهي ته اهو تصور ئي دراصل لافاني آهي، باقي ڪاٺ واري ميز ته فاني آهي.
اهڙيءَ ريت -افلاطون- جو نظام فلسفي جي دنيا ۾ پهريون جامع عينيت پسند ۽ تصوراتي يا آدرشي فڪر (Idealism) آهي. هن جي خيال ۾ هن دنيا جون طبعي شيون غير حقيقي يا نقل آهن ۽ -ان- جي مقابلي ۾ اعيان، دائمي ۽ آدرشي آهن. خدا ۽ خير جو تصور ٻين سڀني تصورات جو ڄڻ ته نقطئه ڪمال آهي.
بهرحال، -افلاطون- فلسفي جي دنيا ۾ ماديت پسند (Materialism) فلسفي جي مقابلي ۾ آدرشيت يا عينيت (Idealism) جو وڏي ۾ وڏو نمائندو آهي. -افلاطون- جي مستقل -تصنيف- سندس مڪالمات (Dialogues) آهن، جيڪي ڪيترن عنوانن تي مشتمل آهن. مشهور فلسفي -ارسطو- سندس شاگرد هو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%81%D9%84%D8%A7%D8%B7%D9%88%D9%86 افلاطون : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
 
{{ڪچو}}