اظھر گيلاني: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: سيد -انور علي شاهه- -اظهر گيلاني- ولد اصغر علي شاهه گيلاني، 11 -آڪٽوبر- 1915ع/ پهرين ذوالقعد 1333هه، جمعي...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
سيد -انور علي شاهه- -اظهر گيلاني- ولد اصغر علي شاهه گيلاني، 11 -آڪٽوبر- 1915ع/ پهرين ذوالقعد 1333هه، جمعي جي ڏينهن پنهنجي ناناڻي ڳوٺ لالو رانڪ [[وارهه تعلقو|تعلقي وارهه]] ۾ پيدا ٿيو. قرآن شريف جو درس -آخوند- بخش علي رُڪ ۽ ’ملا‘ ٻُڍي چانڊيي کان ورتائين. سنڌي، محمد رمضان ”احقر“ ۽ ماستر ربڏني مَلِڪ وٽ پڙهيو. فارسي سيد موسيٰ شاهه گيلانيءَ وٽ ۽ -انگريزي- هاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ ۾ پڙهيو.
ملازمت ڪوآپريٽو سوسائٽي، ايڪسائيز، ريلوي پوليس، هزماسٽرس وائيس ڪمپني، دهلي، ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپني لاهور ۽ ريڊيو پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ ڪيائين، هن نظم ۽ نثر ۾ 200 ڪتاب لکيا، گيتا جو منظوم ترجمو، گيتن ڀري ڪهاڻي جو خالق، پهرين سنڌي فلم ”ايڪتا“ جو مڪالما نگار ۽ شاعر، سياست ۾ ذوالفقار ڀٽو سان گهري سڃاڻپ، پير هوندي پيرن خلاف ڪتاب لکيائين. وڏيرن سان -ٽڪر- کاڌائين، مٿس 60 کان مٿي ڪيس داخل ٿيا. 1948ع کان علم ادب جي خدمت ۾ مصروف رهيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، فيض بخشاپوريءَ، حاميءَ، واصف، نظاميءَ ۽ ٻين گهڻن ناميارن شاعرن سان دوستيءَ جا ناتا رهيا. ڳائڻن، درويشن، عالمن، اديبن سان سندس رهاڻيون رهيون آهن. سال 1952ع ۾ ’قصر الادب‘ جي نالي سان ادارو قائم ڪيائين، جنهن مان هن وقت تائين 25 نظم ۽ نثر جا ڪتاب شايع ٿيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’آواز عشق‘،’سخن بينظير‘، ’سريلا سخن‘، ’دفتر غم‘، ’رعدِ اظهر‘، ’ذڪر وفڪر‘، ’شان نزول‘، ’مينا -بازار- ۾‘، ’مقصد حسن‘، ’دل جون ڳالهيون‘، ’واردات‘، تارڪ نمبر‘، ’12 ڏينهن پنجاب ۾‘ ۽ ’ڪورٽ کان جيل تائين‘ مشهور ڪتاب آهن. پاڻ ڪيترين ئي هفتيوار اخبارن، جهڙوڪ: ”عالمگير“ (لاڙڪاڻو ۽ سکر)، ”افلاطون“، ”سچ“ ۽ ”طوفان“ (سکر) جو -ايڊيٽر- ٿي رهيو آهي. هن گهوٽڪيءَ مان هفتيوار ”ذوالفقار“ به -جاري- ڪئي. سندس وفات 22 -جولاءِ- 2006ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ٿي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B8%D9%87%D8%B1%20%DA%AF%D9%8A%D9%84%D8%A7%D9%86%D9%8A</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا}}