ابوبڪر صديق: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 62:
ظهورِ -اسلام- کان پوءِ، حضرت -ابوبڪر صديق رضه- ئي اهو صحابي ۽ حضور صه -جن- جو سچو ساٿي هو، جنهن -اسلام- جي تبليغ ۾ سڀ کان پهريائين وڏيون وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون. جيتوڻيڪ حضرت -ابوبڪر صديق رضه-، قريش جي هڪ مالدار ۽ خوشحال خاندان سان تعلق رکندو هو، پر -ايمان- آڻڻ کان پوءِ، هو قريشين لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو. قريش هر حال ۾ سندس جرم (-اسلام- قبول ڪرڻ) معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. هن مجاهد، قريشين جي پرواهه نه ڪندي، -اسلام- جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ پنهنجون سموريون ڪوششون صرف ڪري ڇڏيون. خوشحال تاجر هجڻ ڪري حضرت -ابوبڪر صديق رضه- پنهنجي مال دولت کي -اسلام- جي ڦهلاءَ لاءِ صرف ڪري ڇڏيو. -اسلام- جي پهرئين -بانگي-، حضرت بلال حبشيءَ کي پڻ حضرت ابوبڪر رضه خريد ڪري، آزاد ڪيو هو.
تبليغ -اسلام- جي ڏينهن ۾، حضور ڪريم صلي -الله- عليه وسلم ۽ سندن پيارا ساٿي، ڪافرن جي عتاب جو شڪار ٿي رهيا هئا. اهڙيءَ صورتحال ۾ نبي اڪرم صلي -الله- عليه وسلم ، 622ع ۾ حضرت ابوبڪر صديق سان گڏ، مڪي کان مديني ڏانهن هجرت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مديني پهچڻ کان پوءِ، حضرت ابوبڪر پنهنجي -اهل- عيال کي پڻ مديني گهرايو. -ان- بعد حضرت ابوبڪر صديق، -جنگ- -بدر-، -جنگ- خندق، جنگِ احد، صلح حديبيه، فتح خيبر ۽ فتح مڪه جي موقعن تي، -اسلام- جي بچاءَ لاءِ قربانيون ڏنيون. مڪي جي فتح وقت حضرت ابوبڪر جي والد عثمان -بن- عامر ’ابوقحافه‘ پڻ -اسلام- قبول ڪيو.
11هه/632ع ۾ حضور صلي -الله- عليه وسلم جي وفات بعد کين -اسلام- جو پهريون خليفو مقرر ڪيو ويو. سندن عهد خلافت جي واقعن ۾ اسامه -بن- زيد جي لشڪر جي روم روانگي، قرآن مجيد جي تدوين لاءِ ڪاميٽيءَ جي مقرري؛ شام ۽ عراق جي فتحن لاءِ لشڪرن جي روانگي ۽ يمامه، -بصره-، اجنادين ۽ مرج الصفر جون جنگيون قابلِ ذڪر آهن. پاڻ ٻه سال ٽي مهينا ۽ يارهن ڏينهن -اسلام- جا خليفا رهيا. سندن عهدِ خلافت ۾ -اسلام- جي -ترقي- ۽ ترويج ٿي ۽ مسلم دنيا ۾ -اسلام- جو ڦهلاءُ ٿيو. سندن حڪومت ۾ ڪيترائي ملڪ فتح ڪري، اتي -اسلام- نافذ ڪيو ويو. 13هه/634ع ۾ سندن طبيعت ناساز ٿي پئي، 15 ڏينهن جي علالت بعد، 63 سالن جي عمر ۾، مغرب ۽ عشاءَ جي وچ واري وقت، 22 جمادي الثاني 13 هه/ 634ع تي لاڏاڻو ڪيائون. -اسلام- جي هن مرد مجاهد ۽ پهرئين اسلامي خليفي کي حضور صلي -الله- عليه وسلم جي مقبري جي ڀر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. <ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D9%88%D8%A8%DA%AA%D8%B1%20%D8%B5%D8%AF%D9%8A%D9%82%20%D8%B1%D8%B6%D9%87 ابوبڪر صديق رضه : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>22 جمادي الثاني جي رات 13 هه 633ع رحلت ڪيائين.
 
==پڻ ڏسندا==
سِٽَ 69:
* [[عثمان]]
* [[علي]]
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
== خارجي ڳنڍڻا ==