آغا غلام نبي پٺاڻ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''آغا غلام نبي پٺاڻ'''-، 18 -جولاءِ- 1911ع تي سلطان ڪوٽ ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- سکر، ڪراچي ۽...
 
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
سِٽَ 1:
'''آغا غلام نبي پٺاڻ'''-، 18 -جولاءِ- 1911ع تي سلطان ڪوٽ ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي -تعليم- سکر، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. بي. -ايس- سي جي ڊگري مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان حاصل ڪيائين، -جتي- سندس ملاقات قائداعظم سان ٿي. پوءِ هُن جي چوڻ تي واپس سنڌ آيو ۽ مسلم ليگ کي منظم ڪيائين. -تحريڪ پاڪستان- جو ڪارڪن هو. 1938ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. پوءِ 1951ع تائين مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. -جنوري- 1950ع ۾ صوبائي ڪابينه ۾ شامل ڪيو ويو. 1956ع ۾ اولهه -پاڪستان- -اسيمبلي- (ون يونٽ) جو ميمبر ٿيو. ڊاڪٽر خان صاحب کان پوءِ جڏهن عبدالرشيد صوبائي ڪابينا ٺاهي ته -آغا- صاحب -ان- ۾ شامل هو. ڪجهه وقت کان پوءِ -آغا- صاحب ائنٽي ون يونٽ فرنٽ ۾ شامل ٿيو، جنهن جو صدر -ايوب کهڙو- هو ۽ ٻين ميمبرن ۾ جي. ايم. سيد، پيرپاڳارو، مخدوم طالب الموليٰ، مير غلام علي -ٽالپر-، قاضي فضل -الله-، عبدالستار پيرزادو، مولابخش سومرو، غلام محمد وساڻ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جهڙا اڪابر شامل هئا. -ايوب خان- جي مارشل لائي دؤر ۾ -آغا- صاحب تي ’ايبڊو‘ هيٺ سياسي گرمين ۾ حصي وٺڻ تي پابندي هنئي وئي، انهيءَ دوران محترمه فاطمه جناح جي چونڊ مهم شروع ٿي ته -آغا- صاحب انهيءَ مهم ۾ وڌي حصو ورتو. 1973ع ۾ -پاڪستان- جي پهرين سينيٽ جو ميمبر ٿيو ۽ 1977ع تائين سينيٽر هو. 1977ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي سکر مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. -آغا- صاحب 2 -جولاءِ- 1997ع تي وفات ڪري ويو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%BA%D8%A7%20%D8%BA%D9%84%D8%A7%D9%85%20%D9%86%D8%A8%D9%8A%20%D9%BE%D9%BA%D8%A7%DA%BB آغا غلام نبي پٺاڻ : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
{{حوالا}}
[[زمرو:شخصيتون]]