وڪيپيڊيا:ڪَثِرَتاً پُڇيا وِيندَڙ سُوالَ (ڪَپُوس): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 4:
===يُوزر ڪير آهي؟===
{{مبسس4}}وڪيپيڊيا جي هر استعماليندڙ کي يُوزر چئجي ٿو. هر اهو شخص جيڪو وڪيپيڊيا کي استعمال ڪري ٿو، ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ يا ميسر ڄاڻ ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ. توهان کاتو کولڻ کان سواءِ ئي وڪيپيڊيا جا نه رڳو صفحا پڙهي سگھو ٿا بلڪه منجھن ترميم به ڪري سگھو ٿا. پر وڪيپيڊيا کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن توهان ڪا به ترميم ڪرڻ کان اڳ پنهنجو کاتو کولي [[Special:Userlogin|لاگ اِن]] ٿيندا. اهڙيءَ ريت اسان کي ۽ وڪيپيڊيا جي هر يُوزر کي توهان جي ڀاڱيدارين جي ڄاڻ ملندي. جيڪي يُوزر پنهنجو کاتو کوليندا، سي رجسٽر ٿيل يُوزر ليکيا ويندا ۽ سندن يُوزر نانءُ [[Special:Listusers|هتي]] درج ٿي ويندو.
 
 
==ڪهڙي موضوع تي مضمون لکي سگھجي ٿو؟==
{{مبسس4}}سائنس، آرٽس، ادب، شوبز، شخصيات، تاريخ، رانديون، شاعري، مطلب ته دنيا جي هر موضوع تي مضمون لکي سنڌي وڪيپيڊيا تي رکي سگھجي ٿو. توهان جنهن به شعبي سان تعلق رکو ٿا ۽ جنهن به موضوع تي ٿوري به ڄاڻ رکو ٿا، ان تي پنهنجي پسند ۽ ميسر وقت سارو ڪو به صضمون لکي رکي سگھو ٿا. تنهن کان سواءِ جيڪڏهن توهان سنڌي وڪيپيڊيا تي اڳي ئي موجود ڪنهن مضمون ۾ واڌارو ڪرڻ چاهيو، ڀلي هڪ جملي جو ئي سهي، ته ضرور اهڙو واڌارو ڪندا. ان کان سواءِ جيڪڏهن توهان ڪنهن موضوع تي ترجما ڪرڻ جو شوق رکو ٿا ته مهرباني ڪري انگريزي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا تان مضمون جيئن جو تيئن ڪاپي ڪري سنڌي وڪيپيڊيا تي پيسٽ ڪندا ۽ پوءِ ميسر وقت پٽاندر هوريان هوريان مضمون جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪندا ويندا.
 
 
==نياپو ڪيئن ڪجي==