سنڌي سڀيتا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 29:
سنڌي لوڪ ثقافت جا جدا جدا طبقا جن جو هن کان پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي، اُنهن مان لوڪ ادب وارو حصو ته ڀارت جي سنڌي هِندُن گهڻي قدر پاڻ وٽ سنڀالي رکيو آهي. پر نئين زماني جي ماحول سببان ڀارت ۾ لوڪ جيوت جي طريقن، لوڪ ڪلائن (فنون) ۽ روايتن کان حاصل ٿيل هُنرن ۽ لوڪ هُنرن مان گهڻن حصن جو ڀارت ۾ خاتمو ٿي چڪو آهي. هتي جي علائقائي ثقافتن جي اڪثر ڪري ڀارتي سنڌي نوان نوان رُوپ (جيئن ته: گُجراتي گرٻا ناچ، ماهاراشٽر ۽ گجرات ۾ گڻيش پوڄا، ڀڳت جي روايت ۾ سينيما جا گانن ۽ طرزن جو استعمال ڪري ڊِسڪو پيش ڪرڻ، وغيره) اختيار ڪري رهيا آهن.
 
سنڌي پهاڪا ۽ چوَڻيون جيڪي سنڌي ثقافت جو هڪ اهم حصو آهن، اُنهن ۾ به تبديلي اچي رهي آهي. سنڌ جي جاگرافيءَ اندر سنڌي مسلمانن جي ريتين رسمن تي ٻڌل پهاڪا ڀارت جي نوجوان نسل جي ٻوليءَ مان لڳ ڀڳ گم ٿي چُڪا آهن. اِنهيءَ کان سواءِ، هندي، اردو ۽ ٻين ٻولين جا ٻول ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي رهيون آهن. انهيءَ<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=242#12572 تبديليءَڪتاب: سنڌي جيپهاڪا ڇنڊڇاڻلسانياتي اڳتي۽ هليسماجي، ڪئيثقافتي ويئياڀياس، آهي.ليکڪ؛ روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ۽ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام</ref>
<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=242#12572 ڪتاب: سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي، ثقافتي اڀياس، ليکڪ؛ روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ۽ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام</ref>
 
==حوالا==