سرڪش سنڌي: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي |
سنوار جو تَتُ ڪونهي |
||
سِٽَ 1:
سرڪش سنڌي [[انگريزي]] (Sarkash Sindhi) (پيدائش: پهرين آڪٽوبر [[1940ع]] - وفات: 5 مارچ [[2012ع]]) ڳوٺ پليپوٽا تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ برک عالم عبدالله چانڊيو جي گهر ۾ پيدا ٿيو،سندس اصل نالو عبدالمجيد چانڊيو هو. بعد ۾ سندس خاندان لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن [[1954ع]] کان لکڻ جي شروعات ڪئي.
<ref>https://azizkingrani.wordpress.com/2014/12/18/poets-and-writers/</ref> سندس تحرير ٿيل ڪتابن ۾ ”درد دل“، ”امن آب حيات“، ”پيار ۽ آزادي“، ”سنڌو جاڳي ٿو“، ”جوڻيون جيءَ جھان جون“، ”سچ ٿا مرد چون“، ”سمنڊ ڇوليون ٽهڪ“ ”زندگيءَ جي گونج“ ۽ ٻانهن وراڪا شامل آهن. سرڪش سنڌي هڪ علمي گهر سان وابسته رهيو ۽ بنيادي طور پاڻ ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جو ترجمو پورو ڪيو هئائين. فارسي، عربي پڙهيل هئس. سندس ٻه ڀائر هئا. سندس تعليم ايم.اي ۽ بي.ايڊ هئي. [[1961ع]] ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1974ع ۾ سيڪنڊري استاد مقرر ٿيو. 26 سال نوڪري پوري ڪري 1987ع ۾ لاڙڪاڻي جي پائليٽ هاير سيڪنڊري اسڪول مان ايڇ.ايس.ٽي طور رٽائرمينٽ ورتائين. سندس 11 کان مٿي ڪتاب ڇپيل آهن. سندس شعر ۾مزاحمتي ۽ انقلابي عنصر گهڻو آهي. 5 مارچ 2012ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪينسر وِگهي وفات ڪيائين.<ref>http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book133/Book_page1.html</ref> سرڪش روشن خيال ۽ وطن دوست شاعر هو. سندس سنڌ ۽ جي.ايم سيد سان بيپناھ انسيت هئي. زندگي جي آخري گهڙين تائين سيد ۽ سنڌ سان سلهاڙيل رهيو. بحر ريز گفتگو، صدين جي گهاون کائڻ باوجود به موهن جي دڙي جهڙي اڏولتا تاڻي بيٺل شيهي جهڙي وجود
==حوالا==
|