پاروتي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: thumb|کاٻو|پاروتيءَ جو مجسمو '''پاروتي'''ءَ جو شمار هندن جي ٽن اهم ديوين...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
{{مبسس4}}
[[عڪس:WLA lacma Hindu Goddess Parvati Orissa.jpg|thumb|کاٻو|پاروتيءَ جو مجسمو]]
 
'''پاروتي'''ءَ (Paarwati) جو شمار هندن جي ٽن اهم ديوين ۾ ٿيندو آهي. هن کي پيار ۽ قربانيءَ جي ديوي به چيو وڃي ٿو. هيءَ شِوَ جي پتني (زال) آهي، جڏهن ته ڪي وري هن کي وشنو جي ڀيڻ سمجهندا آهن.
==لغوي معنا==
پاروتي سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’جبل‘. هيءَ ٻين ڪيترن ئي نالن سان سڃاتي وڃي ٿي. هندن جي ڌرمي پستڪ وراهه پراڻ (Virah) ۾ سندس پيدائش بابت لکيل آهي ته: ”هڪ ڏينهن برهما، وشنو کان آسمان بي ڪنٺ تي وڃي صلاح ڪئي ته انڌڪ (Andhaka) نالي راڪشش، اشور سان ڪيئن مقابلو ڪجي، انڌڪ، ڪسيپ رشي جو پٽ هيو ۽ هن جي ديتي (Diti) نالي زال مان پيدا ٿيو هو. انڌڪ کي هڪ هزار هٿ ۽ سر، ٻه هزار اکيون ۽ پير هيا. هن جو نالو انڌڪ (اونداهي) ان ڪري هو، جو هو انڌو هئڻ جو بهانو ڪندو هو.انڌڪ ڪيترائي ڏوهه ڪيا هئا. هڪ وڏو ڏوهه اهو هيو جو هن اندر ديوتا جي آسمان سورگ مان پَرجِت (Parijata) نالي وڻ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
Line 16 ⟶ 17:
جڏهن شِوَ جي پهرين زال سَتِي مري وئي، ته سندس جسم کي پوري هندستان ۾ ٽڪرا ٽڪري ڪري ورهايو ويو. جتي جتي سندس جسم پهتو، اتي شڪتي پنٿ قائم ٿيا ۽ هاڻي انهن هنڌن تي ديويءَ جا مندر قائم آهن. سَتِيءَ جي مرڻ کان پوءِ شِو ويڳاڻو ٿي ويو ۽ شڪتي نه رهڻ ڪري هن دُنيا کان مُنهن موڙي، جبلن جي اونداهين غارن ۾ رهڻ شروع ڪيو. پوءِ پاروتيءَ جي روپ ۾ کيس ٻيهر شڪتي ملي ته هن دنيا ڏانهن واپس رُخ ڪيو. اها ستي ئي هئي، جنهن پاروتيءَ جو روپ ۾ ٻيو جنم ورتو هو، ان ڪري هندن وٽ پاروتي اڄ به شڪتيءَ جي علامت بڻيل ديوي آهي. تامل ناڊو، ڪيرالا، اتر پرديش، گجرات، راجسٿان ۽ سنڌ جي شهرن ۾ سندس وڏا مندر موجود آهن. هنگلاج مندر ۽ ڪالي مندر اروڙ ان جا مثال آهن. <ref>ڪتاب: [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]]، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]] (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011 </ref>
 
==حوالوحوالا==
{{حوالا}}
 
 
[[category:تاريخ]]
[[category:شخصيتون]]
[[زمرو:مذهب]]