مدد علي سنڌي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م نظاماڻي moved page مدد علي سنڌي، هڪ ادبي چور to مدد علي سنڌي over a redirect without leaving a redirect
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''مدد علي سنڌي'''ءَ جو پورو نالو مدد علي ولد الله بخش قريشي آهي. پاڻ ناميارو اديب ۽ صحافي آھي. هن 12 آڪٽوبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
مدد علي سنڌي وزير اعليٰ سنڌ جو پريس سيڪريٽري آهي. مٿس الزام آهي ته هو ٻين جي تحريرن کي چوري ڪري پنهنجي نالي سان ڇپرائيندو آهي. هن وقت، ڊسمبر 2006ع ۾، سندس تازي ترين ادبي چوري [[رني ڪوٽ]] تي لکيل مضمون '''دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ''' پنهنجي نالي سان ڇپائڻ آهي، جيڪو در اصل [[ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي]]ءَ ڪرنل رشيد جي انگريزيءَ ۾ لکيل مضمون تان سنڌي ترجمو ڪيو هو. حالانڪه اهو ترجمو [[حيدرآباد سنڌ]] مان شايع ٿيندڙ [[ٽماهي مهراڻ]] ۾ 1967ع ڌاري ڇپجڻ بعد تمام گھڻو مقبول ٿيو ۽ [[سنڌي ادبي بورڊ]] ان جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ڇپائي ورهايون، پر پوءِ به ادبي چور مدد عليءَ 30هين نومبر 2006ع ڌاري رني ڪوٽ بابت ٿيندڙ سيمينار جي موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جي پريس سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ سمورين سنڌي اخبارن ۾ سرڪاري خرچ سان مضمون جو اختصار عين بين ساڳيا جملا ۽ لفظ توڙي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جون جوڙيل ٽيڪنيڪي اصطلاحون استعمال ڪندي پنهنجي نالي سان ڇپائي ڇڏيو.
==تعليم==
مدد علي سنڌيءَ پرائمري تعليم فاطمه گرلس اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، اهو اسڪول خلافت تحريڪ جي اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جي وڏي ڌيءَ حاجياڻي غلام فاطمه شيخ جو قائم ڪيل هو، انهيءَ خاتون مدد عليءَ کي پرائمري تعليم ڏياري. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي، جڏهن ته ايم. اي ڪرڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٻه ڀيرا سياسي ڪيسن ۾ ريسٽيڪيٽ هئڻ سبب اها مڪمل نه ڪري سگھيو.
==سياسي ابتدا==
مدد علي، شاگرديءَ واري زماني کان سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو. هي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي بانيڪارن مان آهي. 1969ع ۾ ’عوامي ليگ‘ حيدرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ شيخ مجيب الرحمان کيس عوامي ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيو.
==ادب ۽ سياست==
آڪٽوبر 1970ع ۾ ’اڳتي قدم‘ نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيائين، جنهن رسالي تي 1973ع ۾ حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي، جنهن کانپوءِ 1973ع کان 1978ع تائين وارو عرصو روپوشيءَ ۾ گذاريائين. ان عرصي دوران، 1975ع ۾ ان وقت جي حڪومت 72 سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش لاڳو ڪئي. اُن ڪيس دوران مدد علي سنڌيءَ ۽ طارق اشرف جي گهرن تي ڇاپا لڳا ۽ ’اڳتي قدم‘ ڇپيندڙ پريس کي سيل ڪيو ويو ۽ مدد علي سنڌيءَ جي 86 سالن جي والد کي سندس بدران گرفتار ڪري، 26 ڏينهن حيدرآباد سٽي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو. <ref>ڪتاب: [[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]]، جلد اٺون، ڇپيندڙ: [[سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو|سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]] (ISBN: 978-969-625-000-5) سال: 2013 </ref>
==حوالا==
 
 
 
[[category:شخصيتون]]